خيرپور واسي علي ڏنو جوڻيجو ڳڙهي ياسين مان آزاد

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)5 مھينا اڳ شڪارپور جي ڳڙھي ياسين واري علائقي مان اغوا ٿيل خيرپور واسي ڊاٽسن ڊرائيور علي ڏنو جوڻيجو کي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي مان  آزاد رڪايو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پنج مھينا اڳ خيرپور واسي ڊاٽسن ڊرائيور علي ڏنو جوڻيجو کي شڪارپور جي ڳڙھي ياسين واري علائقي مان اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي پوليس آزاد ڪرائي ورتو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ مير روحل کوسو چيو ته علي ڏنو جوڻيجو کي ڪنڌڪوٽ جي ڳڙهي لاڙو واري علائقي مان آزاد ڪرائي ورتو آهي، علي ڏنو جوڻيجو جي آزادي بعد خيرپور شهر جي جوڻيجا برادري ۽ ان جي وارثن ۾ خوشي جي لهر پيدا ٿي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.