شاهپور چاڪر ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان قتل

نوابشاهه/ شاهپور چاڪر (نمائندن وٽان) شاھپور چاڪر ڀر سان ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ جي ڏي وٺ، 30 سالن جو نوجوان قتل  ٿي ويو، شاھپور چاڪر ڀر سان زمين جي تڪرار تان باريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنھن جي نتيجي ۾ 30 سالن جو نوجوان بشير پٽ الھ ڏنو باريجو گوليون لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاھ منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو، مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارث پنهنجي ڳوٺ شاهپور چاڪر کڻائي ويا، پوليس موجب جوابدار ڌر پنهنجا گهر خالي ڪري وئي آھي، جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.