سنڌ اسيمبلي جون 80 گاڏيون ڪاڏي ويون؟

تحرير: جي ايم کوکر

گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سنڌ اسيمبلي مان 80 سرڪاري گاڏيون گم ٿيڻ جون خبرون گردش پيون ڪن اهي سرڪاري گاڏيون ڪنهن گم ڪيون، ڪير کڻي ويو ان بابت سوال ته پنهنجي جاءِ  تي موجود آهن جن جا جواب سنڌ اسيمبلي جي ذميوار ئي ڏئي سگهن ٿا جيتوڻيڪ گم ٿيل سرڪاري گاڏين جي واپسي لاءِ  اسيمبلي جي ئي اعليٰ آفيسرن طرفان سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشنون داخل ڪرايون ويون آهن جڏهن ته نيب، ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن سميت پوليس کي ڪيترائي ڀيرا گم ٿيل گاڏين جي واپسي لاءِ  خط لکيا ويا آهن پر ادارن طرفان هڪ ٻه نوٽس اماڻي خاموش ٿي ويا پوليس طرفان به گم ٿيل گاڏين بابت ڪو مطمعن ڪرڻ جوڳو جواب نه مليو آءِ جي سنڌ پاران پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ  هڪ خط جو جواب ڏنو جنهن ۾ ان اسيمبلي جي گم ٿيل گاڏين وارو مامرو اينٽي ڪرپشن ۾کڻي وڃڻ جو مشورو ڏئي خاموش ٿي ويو

جيتوڻيڪ سنڌ اسيمبلي جون پنهنجن گاڏين جو ٽوٽل تعداد 120آهي جن مان پنج گاڏيون ناڪارا بڻيل آهن جڏهن ته باقي 115 گاڏيون جن ۾ ٽيوٽا ڪرولا ڪمپني جون جي ايل آءِ، ايڪسل آءِ ،لينڊ ڪروزر،فارنيوچر،اٽلس،ڪلٽس ۽مهراڻ شامل آهن،سنڌ اسيمبلي جي رپورٽ موجب اٽڪل 2013 کان 2023 تائين اسيمبلي جون 34 سرڪاري گاڏيون لاپتا آهن انهن گاڏين کي آسمان ڳهي ويو يا زمين کائي وئي ان بابت هن وقت تائين ڪجهه به معلوم ناهي ٿي سگهيو، رپورٽ موجب اسيمبلي جون  24 سرڪاري گاڏيون الڳ گم آهن جيڪي اسٽيڊنگ ڪميٽين جي چيئرمنن کي ڏنيون ويو هيون اهي هن وقت تائين واپس ناهين ٿيون اهي گاڏيون ڪٿي گم ٿيل آهن اهو به ڪير ٻڌائڻ لاءِ  تيار ناهي انهن گم ٿيل سرڪاري گاڏين جو الزام سنڌ اسيمبلي اسپيشل ايڊيشنل سيڪريٽري حسن شاهه مٿان لڳايو ويو آهي جنهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ  سنڌ  اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کان باقائدا اجازت ورتي وئي پر ان حوالي سان اسيمبلي جو سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق ٻرڙو ديوار بڻجي ويو ،اسيمبلي مان گم ٿيل سرڪاري گاڏين بابت اسيمبلي جي سينيئر اسپيشل سيڪريٽري محمد خان رند پاران موڪليل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي مان34 گاڏيون گم آهن جن مان  24سرڪاري گاڏيون لاپتا آهن  جن ۾گاڏي نمبر اي زيڊ جي 340 ايڪسل آءِ  ماڊل 2012،گاڏي نمبر اي زيڊ جي 343 ايڪسل آءِ  ماڊل 2011،گاڏي نمبر اي زيڊ جي341 ايڪسل آءِ  ماڊل 2012،گاڏي نمبر بي سي ايف 885 ايڪسل آءِ  ماڊل2011 ،گاڏي نمبر بي ايل ڊي 324 ايڪسل آءِ  ماڊل 2016،گاڏي نمبر جي ايس 9344 ايڪسل آءِ  ماڊل 2011،گاڏي نمبر جي ايس 95 59 ايڪسل آءِ  ماڊل 2009،گاڏي نمبر جي ايس اي 354 ايڪسل آءِ  ماڊل 2012،گاڏي نمبر جي ايس اي 356 ايڪسل آءِ  ماڊل 2012،گاڏي نمبر جي ايس اي 358 ايڪسل آءِ  ماڊل 2012،گاڏي نمبر جي ايس اي 360 ايڪسل آءِ  ماڊل 2012،گاڏي نمبر جي ايس اي361 ايڪسل آءِ  ماڊل 2012،گاڏي نمبر جي ايس 7171 سيلون ماڊل 2004، گاڏي نمبر جي ايس7584 ايڪسل آءِ  ماڊل 2004،گاڏينمبر جي ايس 9059 ايڪسل آءِ  ماڊل2011، گاڏي نمبر9056 ايڪسل آءِ  ماڊل2011، گاڏي نمبر جي ايس 9068 ايڪسل آءِ  ماڊل2011 ،گاڏي نمبر جي ايس اي 362 ايڪسل آءِ  ماڊل 2012،گاڏي نمبر جي ايس 9075 ايڪسل آءِ  ماڊل2011، گاڏي نمبر جي ايس 9131 ڪور نمبر اي سي 7769 ايڪسل آءِ  ماڊل2011،گاڏي نمبر جي ايس 9307 ايڪسل آءِ  ماڊل2011،گاڏي نمبر جي ايس 9320 ايڪسل آءِ  ماڊل2011،گاڏي نمبر جي ايس 885 ڪرولا سيلون ماڊل2016۽گاڏي نمبر جي ايس 5290 نشان پڪ اپ ماڊل 1993 شامل آهن

حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته سنڌ اسيمبلي جون 5 سرڪاري گاڏيون جيڪي ڪراچي جي مختلف هنڌن مان ڦر ٿيل ڄاڻايون ويون آهن انهن جو پڻ هن وقت تائين اتو پتو ناهي ان سلسلي ۾ اي سي ايل سي کي پڻ لکيو ويو آهي جنهن هن وقت تائين ڪنهن به قسم جي  اڳڀرائي رپورٽ ناهي ڏني ته اهي گاڏيون ڪٿي گم ٿيل آهن انهن بابت ڪراچي جي مختلف ٿاڻن مان ڦر ڄاڻايل سرڪاري گاڏين جون  ايف آءِ آرز پڻ داخل آهن جن ۾گاڏي نمبر جي ايس سي 836 ڪرولا ايڪسل آءِ  ماڊل 2016 ڪارو ڪلر جيڪا 9 فيبروري 2012 تي ڊفينس ٿاڻي جي حد مان ڦرجي وئي جنهن جي ايف آءِ آرنمبر 17/38 پڻ ساڳئي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي گاڏي نمبر جي ايس سي 852 ڪرولا ايڪسل آءِ  ماڊل 2016ڪلر ڪارو  جيڪا درخشان ٿاڻي جي حد  مان اغوا ڄاڻايل آهي جنهن جي ايف آءِ آر نمبر 18/439 پڻ داخل ٿيل آهي، گاڏي نمبر جي ايس سي 842 ڪرولا ايڪسل آءِ  سفيد ڪلر ماڊل 2016 جنوري 2018 تي ڦرجي وئي جنهن جي ايف آءِ آرنمبر 18/9درخشان ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي، گاڏي نمبر جي ايس 9069 ڪرولا ايڪسل آءِ  ڪارو ڪلر ماڊل 2011 9 جولائي 2017 تي فيروزآباد ٿاڻي جي حد مان ڦر جي وئي جنهن جي ايف آءِ آرنمبر 17/280 داخل ٿيل آهي اهڙي طرح گاڏي نمبر جي ايس سي ڪرولا سيلون ڪارو ڪلر ماڊل 2016 سچل ٿاڻي جي حد مان ڦرجي وئي جنهن جي ايف آءِ آر نمبر 18/479 داخل ٿيل آهي

جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جون 5 سرڪاري گاڏيون جن هن وقت تائين ڪو به پتو ناهي ته اهي گاڏيون ڪهڙي سمنڊ ۾ هليون ويون آهن انهن لاءِ  اسيمبلي طرفان ڪيس ڪيا ويا پر ڪٿان به معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته اهي گاڏيون ڪٿي لاپتا ٿي ويون آهن لاپتا ٿيلن پنج گاڏين ۾ گاڏي نمبر جي ايس 0635 سوزوڪي سويفٽ ماڊل 1988، گاڏي نمبر جي ايس 0827 سوزوڪي بولان ماڊل 1995، گاڏي نمبر جي ايس 0937 سوزوڪي مرگلا ماڊل 1995، گاڏي نمبر جي ايس 0983 هنڊا سيوڪ 1986 ۽ گاڏي نمبر جي ايس 3107 ٽيوٽا لينڊ ڪروزر ماڊل 1991 شامل آهن

مال مفت دل بي رحم جيان قانون ساز اداري مان قانون تي عمل نه ڪيو ويو آهي رولز تحت اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر  صرف ٻه گاڏيون رکي سگهن ٿا ليڪن هن وهندڙ گنگا ۾ درجن کان وڌيڪ گاڏيون آغا سراج دراني ۽ ريحانه لغاري وٽ سندن ذاتي ملازمن وٽ آهن رپورٽ تحت اسپيڪر آغا سراج دراني وٽ 22 سرڪاري گاڏيون موجود آهن جن ۾ 13 گاڏيون اسپيڪر جي زير استعمال هيٺ آهن ۽ 2 گاڏيون اسپيڪر جي پرسنل سيڪريٽري ذوالفقار ڏهر وٽ ٽيوٽا ڪرولا سيلون ۽ ايڪسل آءِ  ڪارون موجودآهن، جڏهن ته اسپيڪر جي معرفت هڪ ڪاري ڪلر جي ٽيوٽا ايڪسل آءِ  ڪار ماڊل 2012 ارشد دراني جي حوالي ٿيل آهي ،هڪ ٽيوٽا ڪرولا ايڪسل آءِ  ڪار بخشل مهراڻوي حوالي آهي، هڪ ٽيوٽا ڪرولا اٽلس ڪار زوهيب مگسي حوالي ٿيل آهي، هڪ ٽيوٽا ڪرولا ڪار ايڪسل آءِ  آپارخسانه شاهه وٽ آهي، هڪ ٽيوٽا ڪرولا ايڪسل آءِ  ڪار صدورو خان حوالي ٿيل آهي، هڪ ٽيوٽا ڪرولا ايڪسل آءِ  ڪار اسپيڪر جي ايڊوائزر وٽ ۽ هڪ ٽيوٽا ڪرولا ايڪسل آءِ ڪار اسپيڪر جي گهر واري جي زير استعمال ۾آهن اهڙي طرح ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري وٽسنڌ اسيمبلي جون 3سرڪاري گاڏيون آهن جن ۾ هڪ فارچونر ڪرولا ماڊل 2016، هڪ ٽيوٽا ڪرولا ايڪسل آءِ  ماڊل 2016 ۽ هڪ ٽيوٽا ڪرولاايڪسل آءِ  ماڊل ڪار 2016 جيڪا ڊپٽي اسپيڪر جي معرفت صلاح الدين نالي شخص جي زير استعمال آهي

سنڌ اسيمبلي جي هن وهندڙ گنگا ۾ سڀ کان پهريان اڳوڻي اسپيڪر نثار احمد کهڙي هٿ ڌوتا آهن جنهن وٽ 11 سرڪاري گاڏيون موجود آهن رپورٽ موجب اڳوڻي اسپيڪر نثار احمد کهڙو پنهنجي اسپيڪرشپ جي دور 2008 کان 2013ع تائين 3 سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪيون آهن چون ٿا ته اهي ڪارون ڪور نمبر پليٽ تي لاڙڪاڻو ۾مسواڙ تي هلن ٿيون جن ۾گاڏي نمبر جي ايس سي 863 ايڪسل آءِ  ماڊل2016،گاڏي نمبر جي ايس  4441اٽلس ماڊل 2007۽  گاڏي نمبر جي ايس  جي ايل آءِ ماڊل 2003 شامل آهن اهڙي طرح اڳوڻي اسپيڪر نثار احمد کهڙي جي سفارش تي سندس جي هڪ دوست نعمان شيخ وٽ سرڪاري گاڏي نمبر جي ايس 9058 ايڪسل آءِ  ماڊل 2011 زير استعمال آهي،اهڙي طرح اڳوڻي اسپيڪر جي سفارش تي اڳوڻي ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو کي سنڌ اسيمبلي جي گاڏي نمبر جي ايس سي 837 ايڪسلا.ي ماڊل 2016 ڏني وئي جيڪا پڻ واپس ناهي ٿي،اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا وٽ 2 اسيمبلي جون سرڪاري گاڏيون آهن جن ۾ گاڏي نمبر جي ايس سي 848 ايڪسل آءِ  ماڊل 2016 ۽ گاڏي نمبر جي ايس سي 864 ٽيوٽا ڪرولا سيلون ماڊل 2016 شامل آهن، اڳوڻي ايم پي اي شميم اختر کي پڻ نثار احمد کهڙي جي سفارش تي گاڏي نمبر جي ايس سي 850 ايڪسل آءِ  ماڊل 2016 ڏني وئي جيڪا به واپس ناهي ٿي،اڳوڻي صوبائي وزير ساجد جوکيو کي گاڏي نمبر جي ايس سي 862 ايڪسل آءِ  ماڊل 2016 ڏني وئي جيڪا به واپس نه ٿي، اڳوڻي ايم پي اي پنجو مل کي گاڏي نمبر جي ايس سي 849 ايڪسل آءِ  ماڊل 2016 ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم پي اي خواجه اظهار الحسن کي نثار کهڙي جي سفارش تي اسيمبلي جي گاڏي نمبر جي ايس سي 782 ٽيوٽاڪرولا سيلون ماڊل2016 پڻ ڏني وئي جيڪي گاڏيون اسيمبلي جون ملڪيتون آهن پر هن وقت تائين واپس ناهن ٿي سگهيون

ساليانو بجٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جي گاڏين  جي مرمت ۽ پيٽرول جي مد ۾ 13 ڪروڙ 80 لک روپيا خرچ ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو بجث ڪيترن ئي سالن گم ٿيل گاڏين تي خرچ ڏيکاريو ويو آهي  ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي جي آفيسرن طرفان سنڌ اسيمبلي طرفان نيب ۽ اينٽي ڪرپشن سميت اسپيڪر کي خط ۾ نوٽ ڪرايو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي 120 گاڏين مان  34 گم ٿيل سرڪاري گاڏين جي مرمت لاءِ  هر سال جي بجٽ ۾ 7 ڪروڙ 50 لک روپيا رکيا ويندا آهن جيڪي ڊي ڊي او حبيب سميجو جي اڪائونٽس مان خرچ ظاهر ڪيا ويندا آهن۽گاڏين جي پيٽرول جي مد ۾ 6 ڪروڙ 30 لک روپيا بجٽ ۾ مختص ڪيا ويندا آهن ۽ 13 ڪروڙ 80 لک روپين مان وڏي رقم ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿي ان ڪرپشن ۾ اسيمبلي جا ڪهڙا آفيسر ملوث آهن ان حوالي سان اسيمبلي جي پنهنجن ئي آفيسرن ان جي نشاندهي ڪندي ايڊمن برانچ کي ملوث قرار ڏنو آهي

جيٽوڻيڪ سنڌ اسيمبلي جون 80 سرڪاري گاڏيون گم آهن جن بابت گذريل ڏينهن ميڊيا تي خبرون هليون، اسيمبلي جي اڳوڻي آفيسر افتاب مهر طرفان سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ پنهنجي وڪيل معرفت نيب، چيئرمين، ڪمشنر اليڪشن ڪميشن گورنر سنڌ، نگران وڏي وزير سميت ٻين اعليٰ ادارن کي ليگل نوٽيس ذريعي آگاهه ڪيو آهي اتي اسيمبلي جون گم ٿيل سرڪاري گاڏيون  ڪور نمبر پليٽون لڳائي لاڙڪاڻي، سکر، نواب شاهه،ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ غير قانوني طور تي مسواڙ ۽ ذاتي طور تي هلڻ جون گواهيون مليون آهن  اسيمبلي جي آفيسرن موجبب 2008 کان 2013 تائين اڳوڻي اسپيڪر نثار احمد کهڙي حوالي ڪيل 3 سرڪاري گاڏيون لاڙڪاڻي ۾سندن عزيزن ۽ دوستن پاران ڪرائي طور تي ڪور نمبر پليٽ لڳائي استعمال ڪري رهيا آهن، آغا سراج دراني 2013 کان هن وقت تائين اسپيڪر آهي جنهن وٽ به 22 گاڏيون موجود آهن جن مان ڪيتريون ئي گاڏيون سندن خاندان وارا هلائين ٿا ۽ اهي گاڏيون اسيمبلي جي بجٽ مان مرمت به ٿين ٿيون ۽ پيٽرول به سرڪاري استعمال ڪن ٿيون، اهڙي طرح اڳوڻن ايم پي ايز ۽ اڳوڻن صوبائي وزيرن کي ڏنل اسيمبلي جون سرڪاري گاڏيون به گذريل ڪيترن ئي سالن کان انهن جي ذاتي طور تي استعمال هيٺ آهن، انهن گاڏين جي استعمال توڙي گم ٿيڻ بابت اسيمبلي جي اعليٰ آفيسرن کي بخوبي علم آهي ان جي باوجود اهي سياسي طاقت اڳيان پاڻ کي ڪمزور سمجهن ٿا اهون ئي سبب آهي جو اسيمبلي جون گم ٿيل گاڏيون واپس نه ٿيون ٿين ان لاءِ  ڪنهن ۾ به جرات ناهي ته اهي ڪنهن سياسي شخصيت کي ڪال ڪري گاڏي واپس ڪرڻ جو چوي ان لاءِ  قانون لاڳو ڪندڙن ادارن کي اڳتي اچڻو پوندو ته جئين عوامي جي ٽِيڪس مان وتل گاڏيون واپس ڪرائي سگهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.