اول ساراهه ان پاڪ ذات جي، جنھن ھن جھان کي انيڪ نعمتن سان نوازيو آهي. بيشڪ آواز به هڪ وڏي نعمت آھي. جھڙيءَ ريت ھر خوبصورت شئي جي پنھنجي خوبي ھوندي آھي، ايئن ئي آواز جي به پنھنجي خوبي آھي. آواز جي دنيا ئي الڳ آھي. سنڌ سڳورِي به آواز جي دنيا جا وڏا وڏا نالا پيدا ڪيا آهن. ايم بي انصاري، غزاله رفيق، مصطفيٰ قريشي، ممتاز مرزا، صالح محمّد شاهه، مھتاب اڪبر راشدي، منظور قريشي، عبدالحق ابڙي، عبدالڪريم بلوچ، اقبال جعفري، شفيع محمّد شاهه کان وٺي نصير مرزا، گل حسن قريشي، ماڪن شاهه رضوي، محمود مغل، ممتاز شيخ، ڪمال ڄامڙي ۽ ياسر قاضيءَ تائين سنڌ ۾ آواز جي دنيا جي ھڪ وڏي ڪھڪشان نظر اچي ٿي.
فني دنيا جُون اڪثر شخصيتون فقط ھڪ ميڊيم تائين محدود هونديون آھن، پر انهن مان ڪن ۾ وري اھا صلاحيت ھوندي آھي، جو اهي فن جي ھر مِيڊيم تي ڀرپور انداز سان پرفارم ڪرڻ جي مھارت رکنديون آھن ۽ وٽن علمي ادبي ڄاڻ ويتر واڌارِي قابليت جي خاصيت طور موجود هوندي آهي. اھڙين باصلاحيت شخصيتن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نالا ئي ھوندا، جيئن ممتاز مرزا، مھتاب راشدي، نصير مرزا، محمود مغل، ڪمال ڄامڙو ۽ ياسر قاضي…
منهنجي اڄوڪي مضمون جو مقصد، سنڌ جي فن جي دنيا جي گھڻ پاسائين شخصيت ياسر قاضيءَ کي بطور ريڊيو براڊڪاسٽر 28 ورھيه ۽ ٽيليويزن براڊڪاسٽر طور 21 ورھيه مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪرڻ آهي. ياسر قاضي سنڌ جي علمي ادبي گهراڻي جو ھڪ لائق فائق فرزند آھي، جنھنکي گذريل ٽن ڏهاڪن کان اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ادبي، تفريحي، انفوٽينمنٽ ۽ ثقافتي پروگرامن جي ميزباني ڪندي ڏٺو، ٻڌو ۽ بيحد پسند ڪيو وڃي ٿو. ھو فقط ڄاڻايل خوبين جو ئي مالڪ ناھي، پر سندس اضافي خوبين کي به ساراھيو وڃي ٿو. ھو اديب، شاعر، ڪالم نگار، مترجم، مصور، خطاط ۽ گلوڪاريءَ جي خوبين جو به مالڪ آهي.
ياسر قاضي پنهنجي اسڪولي دؤر کان وٺي ماسٽرز تائين، پنهنجن سمورن تعليمي دؤرن ۾ نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين ۾ متحرڪ نظر آيو آھي. ھن کي ھر ميدان ۾ اڳتي اچڻ وارو جذبو ۽ اعتماد، پنھنجي گھريلو ماحول مان مليو. ياسر جو والد، مقصود گل صاحب ۽ سندس سڄو خاندان علمي ادبي ۽ تعليمي ماھرن سان ڀريل رھيو آھي. انھيءَ ڪري ھن جي شخصيت ۾ به سموريون خوبيون شامل ٿي ويون. انسان جي شخصيت ۾ تربيت جو 70 سيڪڙو اثر ايندو آهي، باقي 30 سيڪڙو سندس درسگاهه ۽ صحبت جو اثر ايندو آهي. ياسر قاضي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ورھين جا ورھيه گذاري اڄ جنھن اؤج تي پھتو آھي، ان تي سرسري نظر وجھون ٿا.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان 1955ع ۾ جيئن افتتاحي ۽ ابتدائي آواز مصطفي قريشيءَ جو ٻڌو ويو، بالڪل ائين ئي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو 1995ع ۾ شروع ٿيو ته ان اسٽيشن تان پھريون آواز ياسر قاضيءَ جو ٻڌو ويو. ھن کي ريڊيو تي متعارف ڪرائيندڙ شخصيت، ناميارو براڊڪاسٽر ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر خواجه امداد علي ھو. سندس پهريون پروگرام ”روح رهاڻ“ ھو، جنھنجو پرڊيوسر ڪوثر ٻرڙو ھو. هي پروگرام اڄ کان 28 سال اڳ، پهرين آڪٽوبر 1995ع تي صبح جو 9:04 لڳي کان 10:00 لڳي تائين نشر ٿيو هو، جنهن ۾ ياسر قاضيءَ جو نشر ڪيل پهريون گيت عابده پروين جو ڳايل ”لک ناز سکيو آهين نوان“ ھو. ياسر قاضيءَ جا ريڊيي جي فيلڊ ۾ استادَ، خواجه امداد علي، نثار ميمڻ، محمّد نقي، ضمير علي بدايوني، اقبال فريدي، ڪوثر ٻرڙو، جهانگير قريشي ۽ مختيار ملڪ آهن. ھو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان پهرين آڪٽوبر 1995ع کان مارچ 2002ع تائين وابسته رھيو. ھو ان وچ ۾ ريڊيي پاڪستان خيرپور، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان پڻ ”مهمان ڪمپيئر“ طور وقتاً فوقتاً پروگرام ڪندو رھيو.
ياسر قاضي ان کان پوءِ مستقل طور ڪراچيءَ ۾ رھائش اختيار ڪري ڇڏي، انڪري ھن سرڪاري توڙي خانگي ريڊيو اسٽيشنن تان پروگرام ڪيا. ايف ايم ريڊيو جو رجحان عام ٿيڻ ڪري ياسر قاضيءَ جو ريڊيائي پرفارمنس جي لحاظ کان گھڻو واسطو ايف ايم ريڊيو سان قائم ٿيو. مختلف ريڊيو اسٽيشنس سان سندس وابستگيءَ جو ريڪارڊ ھن ترتيب سان ملي ٿو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي مارچ 2002ع کان آڪٽوبر 2002ع ۽ جنوري 2010ع کان مئي 2013ع تائين رھيو. ايف ايم 101 ڪراچي تي آڪٽوبر 2002ع کان جنوري 2010ع تائين، همارا ايف ايم 94.6 ڪراچي (’هم ٽي وي‘ گروپ جي ريڊيو) تي جنوري 2010ع کان آگسٽ 2010ع تائين، شاليمار ايف ايم 94.6 ريڊيو تي پهرين سيپٽمبر 2010ع کان نومبر 2012ع تائين ۽ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ايف ايم ريڊيو نيٽورڪ ’هاٽ ايف ايم 105 ريڊيو نيٽورڪ‘ سان نومبر 2012ع کان اڄ تائين وابسته آھي. گڏوگڏ هو ريڊيو وئائس آف سنڌ، لنڊن سان پڻ 2014ع کان اڄ تائين وابسته آھي. ان کان علاوه ياسر، ’مهمان ڪمپئر‘ طور آل انڊيا ريڊيو جي دهلي اسٽوڊيو مان آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس ۽ ”بي بي سي“ جي لنڊن اسٽوڊيو مان بي بي سيءَ جي اردو سروس جي ميزباني پڻ ڪري چڪو آهي. ايف ايم ريڊيو تان ياسر قاضيءَ پنهنجا گھڻا تڻا پروگرامَ، بحيثيت هڪ اردو براڊڪاسٽر پيش ڪيا آهن.
ياسر قاضيءَ جا شهره آفاق ۽ يادگار ريڊيو پروگرامَ ھي آھن: ”رُوح رهاڻ“، ”ماڻڪ موتي“ ۽ ”هڪ شعر هڪ نغمو“ (ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو)، ”رسالو“ (ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي)، ”نئون سج“، ”مارُن لاءِ“، ”موتين مالها“ ۽ ”بازگشت“ (ريڊيو پاڪستان خيرپور)، ”صبحِ مهراڻ“، ”سڳنڌ“ ۽ ”ادبي سنگت“ (ريڊيو پاڪستان حيدرآباد)، ”سُر سرهاڻ“ (ريڊيو پاڪستان ڪراچي)، ايف ايم 101 ڪراچيءَ تان نشر ٿيندڙ پروگرامَ ”گُڊ مارنگ ڪراچي“، ”گيت غزل ٽائيم“ (هي پروگرام ياسر جي سڃاڻپ بڻيو.)، ”101 هاٽ ڪيڪ“ (جنهن ۾ ياسر هڪ ئي لائيو پروگرام ۾ ٻن آوازن ۾ ٻه الڳ الڳ ڪردار ڪندو هو. هڪ پنهنجو ۽ ٻيو ”مسٽر ايف ايم 101 جو“)، ”شعله سا لپڪ جائي هي“ (هن پروگرام ۾ هر پروگرام الڳ الڳ غزل گائڪ بابت هوندو هو، جنهن تحت ياسرَ، غلام عليءَ، فريده خانم، حامد علي خان، مهناز، گلبهار بانو، ثريا ملتانيڪر، ٽينا ثانيءَ، سلامت علي، عذرا رياض ۽ تصوّر خانم وغيره جا يادگار انٽرويوز ڪيا)، ”رهنمائي سخن“ (هن پروگرام ۾ ياسر، ٻڌندڙن جي اردو شاعريءَ جي اصلاح ڪندو هو. هن پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن جا اسٽوڊيو ۾ مشاعرا به منعقد ڪرايا ويا. هي پروگرام بعد ۾ ياسرَ، ايف ايم 105 تان پڻ ڳچ عرصو نشر ڪندو رهيو. هي پروگرام ادبي ذوق رکندڙ اردو سامعين ۾ بيحد مقبول رهيو.)، ”غنچهء شوق“ (رات 2:00 کان صبح 4:00 لڳي تائين نشر ٿيندڙ هي پروگرام گيتن ۽ غزلن تي ٻڌل شعر و سخن جو پروگرام هو)، ”ٽيلي فن مڊ نائيٽ اسپيشل“ (هي پروگرام رات 12:00 کان صبح 4:00 لڳي تائين لاڳيتو 4 ڪلاڪ روزانو نشر ٿيندو هو.)، ”مان! تجھي سلام“ (هن ڪمرشل اسپانسرڊ پروگرام ۾ ياسرَ، اداڪار شڪيل، عابد عليءَ، معين اختر، ثمينه پيرزاده، منظور قريشيءَ، ندا ياسر وغيره کان ماءُ بابت انتهائي جذباتي انٽرويو ڪيا)، ”101 نيُو ٽيلينٽ“، ”شام سي پهلي“،همارا ايف ايم 94.6 تان نشر ٿيندڙ پروگرام ”سنڌي تڙڪا“ (هن اردو پروگرام ۾ سنڌي گيت نشر ڪري، انهن بابت اردوءَ ۾ گفتگو ڪئي ويندي هئي. هن پروگرام ۾ ئي ڪنهن به پاڪستاني ريڊيو تان ياسرَ، پهريون ڀيرو لتا منگيشڪر ۽ محمّد رفيع جا سنڌيءَ ۾ ڳايل گيت نشر ڪيا)، ”مڌُر يادين“ (هي پروگرام بعد ۾ شاليمار ايف ايم ۽ هاٽ ايف ايم 105 تان به ياسر ڪندو رهيو. هي پروگرام به ياسر جي سڃاڻپ بڻيو، جنهن ۾ پاڪستاني ۽ هندوستاني ليجينڊس جا ڳايل حسِين گيت ۽ انهن بابت گفتگو نشر ڪئي ويندي هئي)، شاليمار ايف ايم 94.6 ڪراچيءَ تان نشر ٿيندڙ پروگرام ”فريش مارننگ وِد ياسر قاضي“ (روزانو 3 ڪلاڪ ۽ هفتي جا 5 ڏينهن نشر ٿيندڙ هن پروگرام جا ياسرَ 1000 کان مٿي پروگرام نشر ڪيا. هن پروگرام جا ڪيترا ئي سلسلا يادگار رهيا، جن ۾ ”اڄ جو ڪتاب“، ”اڄ جو لفظ“ ۽ ”فريش مارننگ جا 9 رتن“ سلسلا يادگار هئا. 9 رتن سلسلي ۾ ياسر، 9 مختلف مشهور ڪردارن جا آواز پاڻ ڪڍي، پاڻ ئي انهن سان مخاطب ٿي لائيو پروگرام ۾ دلچسپ گفتگو ڪندو هو. جنهن مان سامعين ڏاڍا محظوظ ٿيندا هئا. انهن ڪردارن ۾ دليپ ڪمار، ڌرمينڌر، ڪشور ڪمار، طارق عزيز، راج ڪمار، محمّد عزيز وغيره شامل هئا. هي نيٽورڪ پروگرام ڪراچيءَ ئي نه، اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽه، پشاور، ملتان، فيصل آباد ۽ حيدرآباد جي ٻڌندڙن کي اڄ به کي ياد آهي)، ”انڊس جنڪشن“ (جيڪو پروگرام بعد ۾ ياسرَ، ايف ايم 105 تان به ڪجھه عرصو نشر ڪيو، جنهن ۾ سنڌي گيتَ اردو گفتگوءَ سان نشر ٿيندا هئا)، ايف ايم 105 ڪراچيءَ تان نشر ٿيندڙ پروگرامَ ”دهليزِ شب“ (جيڪو 13 اسٽيشنز تان نشر ٿيندو رهيو)، ”مِيٺا ڪَم، پتي تيز“ (جنهن ۾ سياسي موضوعن تي تنقيدي تجزيا، تبصرا، تکيون مٺيون ڳالهيون ۽ جديد موسيقي شامل هوندي هئي) ”بُوڪ شيلف“ (هن پروگرام ۾ مختلف ڪتابن جا تعارف ۽ انهن منجھان اقتباسن جون پڙهڻيون نشر ڪيون وينديون هيون)، ”ريڊيومينٽري“ (هي مختلف موضوعن تي تحقيقي ريڊيو ڊاڪيومينٽريز تي ٻڌل پروگرام هو)، ”چمنزار“ (اڌ رات جو 12:00 کان 2:00 لڳي تائين نشر ٿيندڙ هي پروگرام غزلن ۽ گيتن تي ٻڌل هوندو هو.) ”سُورج شاخون ڪڍيون“ (روزانو 3 ڪلاڪ هفتي جا 5 ڏينهن نشر ٿيندڙ هن پروگرام به پنهنجا 1500 کان مٿي شوز پورا ڪيا. هي پروگرام 2014ع کان 2018ع تائين ايف ايم 105 ۽ بعد ۾ ’ريڊيو وئائس آف سنڌ، لنڊن‘ تان نشر ٿيندو رهيو)، ريڊيو پاڪستان جي ’نيشنل براڊڪاسٽنگ سروس‘ تان نشر ٿيندڙ پروگرام ”ست رنگ پاڪستان“ ۽ ’ريڊيو وئائس آف سنڌ، لنڊن‘ تان نشر ٿيندڙ پروگرام ”انڊس ميلوڊيز“ (هن پروگرام ۾ سنڌي گيتَ، انگريزي ڪمپيئرنگ سان نشر ڪيا ويندا هئا. جنهنجو مقصد، غير سنڌين ۽ باقي دنيا کي واديءَ مهراڻ جي موسيقيءَ، ادب، آرٽ، ثقافت، تاريخ، تهذيب ۽ تمدن سان آشنا ڪرڻ جي ڪوشش هئي.) شامل آهن.
ياسر قاضيءَ جي ريڊئي ۽ ٽي ويءَ جي پروگرامَن جو اندازاً ڳاڻيٽو ڪبو ته هن ميزبان جي حيثيت سان لڳ ڀڳ 20 هزارن کان مٿي ريڊيو پروگرامَ (جن جو دورانيو هزارين منٽ ٿيندو)، پروڊيوسر ۽ پروگرام مينيجر جي حيثيت سان لڳ ڀڳ 35 هزارن کان مٿي ريڊيو پروگرامَ (جن جو دورانيو هزارين منٽ ٿيندو)، ميزبان جي حيثيت سان لڳ ڀڳ 10 هزارن کان مٿي ٽي وي پروگرامَ (جن جو دورانيو هزارين منٽ ٿيندو) ۽ اسٽيج ميزبان جي حيثيت سان اڻ ڳڻيا اسٽيج پروگرامَ (جن جو تعداد هزارن ۾ ٿيندو) شامل آهن.
ياسر قاضيءَ جھڙي علمي ادبي ۽ ثقافتي شخصيت سنڌ ۾ ورلي پيدا ٿئي ٿي. اسان کي پنھنجي ھن ٽيلينٽيڊ دوست تي فخر آھي، جنھنجي فني، علمي توڙي ادبي صلاحيتن سان سنڌ جو نالو به روشن ٿيو آھي. کيس سندس ريڊيي جي ڪامياب سفر جا 28 ورهيه ۽ ٽيليويزن جي سفر جا 21 ورهيه مبارڪ هجن!