ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان جي نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي مستونگ ڌماڪي جي شهيدن جي پوئينرن کي في ماڻهو 15 لک روپيا، شديد زخمين کي في ماڻهو 5 لک ۽ معمولي زخمين کي 2 لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. آچر ڏينهن ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران صوبائي وزير جو چوڻ هو ته اسمگلنگ سان دهشتگردن کي فائدو ٿيندو آهي جنهن جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن، پرڏيهي طاقتون پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿيون، دهشتگردن جون واڳون پاڙيسري ملڪن سان ملن ٿيون، پهرين به دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت ملوث رهيو آهي، دشمن منظم انداز ۾ پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ ۾ مصروف آهي جنهن ۾ هو ڪامياب نه ٿيندو. پاڪستان جي عوام خاص ڪري بلوچستان جي عوام دهشتگردن خلاف آهي، پوري رياست طاقت سان دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته مستونگ سانحي تي هر پاڪستاني ڏک جو اظهار ڪيو، اسان شهيدن جي پوئينرن جي جيتري ممڪن ٿي سگهي مدد ڪنداسين، جلسا جلوس هر شهري جو حق آهي، اسان جو ڪم انهن کي سيڪيورٽي ڏيڻ آهي، هن چيو ته آرمي چيف ان ويزن جو اظهار ڪيو ته مستونگ سانحي ۾ ملوث عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو، هن چيو ته دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، اسان پنهنجي شهيدن جو بدلو ضرور وٺنداسين.