ڪراچي ( رپورٽر )ڪراچي ۾ شهرين پنهنجي حفاظت ڪرڻ لاءِ پاڻ همت ڪري ورتي، ڦر لٽ دوران شهرين فائرنگ جي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، 4 ڦورو زخمي ٿي پيا، جيل چورنگي فلائي اوور ويجهو ڪار سوار شهري جي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب جيل چورنگي فلائي اوور وٽ 3 ڦورو ڦر ڪري رهيا هئا ته ڪار ۾ سوار هڪ شهري ڦورن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، شهري جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڦورو زخمي ٿي پيا، جن جي باري ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هو راهگير ٻڌائي رهيا هئا، پر جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اهي رهواسي نه پر ڦورن جا ساٿي هئا جيڪي ڦر لٽ ڪري رهيا هئا، ٻئي طرف اهڙو ئي هڪ واقعو ڪراچي جي بفر زون سيڪٽر 15-بي ۾ پيش آيو، پوليس موجب ٻن موٽرسائيڪل تي سوار ڦورو هڪ شهري کي ڦر لٽ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته شهري مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڦورو زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي جوابدارن امير حسين، عبدالرحمان ۽ اسماعيل کي گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.