ٽنڊي الهيار لڳ ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 پورهيت فوت، 8 زخمي

ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري) ٽنڊي الهيار جي بائي پاس روڊ تي مال پڙي ويجهو مڪئي جي گاھ سان ڀريل ٽرڪ جي مٿان ويٺل پورھيت  بجلي جي هاءِ ٽينشن تارن سان ٽڪرائجي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرڪ مٿان ويٺل 8 مزدور زخمي ٿي پيا جن مان 2 پورھيت الهيار برفت ۽ تهمير مڱريو موقعي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته زخمين ۾ نياز ھنڱورو، سڪندر خاصخيلي، حضور بخش خاصخيلي، الهبچايو خاصخيلي، ٽيڀو ڀيل، مهتاب خاصخيلي، خادم شاهه ۽ وزير خاصخيلي شامل آهن. انهن مان ٻن ڄڻن وزير ۽ مهتاب ۽ وزير خاصخيلي کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد روانو ڪيو ويو. ٻي پاسي ڊي سي الطاف گوهر ميمڻ سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچي زخمين جي عيادت ڪري واقعي جا تفصيل ورتا. فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام برپا ويو. پورھيتن جو تعلق حيدرآباد جي ويجھي علائقي ڀينڊي شريف سان ٻڌايو وڃي ٿو جيڪي  ٽنڊوالهيار مان مڪئي جو گاھ ٽرڪ ۾ ڀري ڪراچي ڏانهن وڃي رهيا هئا ته باءِ پاس روڊ تي مال پڙي وٽ هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.