لاهور ( عوامي آواز نيوز ) ملڪ جي موجوده حالتن ۾ نگران وزيراعظم انوار ڪاڪڙ جي سير تفريح تي هجڻ واري رويي تي اسٽيبلشمينٽ سندس ڪارڪردگي مان مايوس ٿي چڪي آهي، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته اهم ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته نگران وزيراعظم جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهي، آمريڪا روانگي تي به اسٽيبلشمينٽ خوش نه هئي پر ان کانپوءِ وري نگران وزيراعظم انوار ڪاڪڙ جو لنڊن ۽ سعودي عرب وڃڻ ۽ فوٽو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ تي به اهم حلقن کي نگران وزيراعظم جي سرگرمين تي پريشاني آهي، ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ آپگهاتي بم ڌماڪن جا خطرناڪ واقعا ٿي چڪا آهن پر نگران وزير اعظم فوري طور وطن ورڻ ۽ هنگامي اجلاس ڪرڻ بدران کلندي مرڪندي پنهنجا فوٽو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري رهيو آهي، جنهن رويي اهم حلقن کي مايوس ڪيو آهي ، ان ڪري اهو ممڪن آهي ته نگران وزيراعظم جيئن تي وطن پهچي ته کانئس استعيفيٰ ورتي وڃي