سڪرنڊ سانحي خلاف اسلام آباد ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو احتجاج

اسلام آباد (بيورو+پ ر)ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي طرفان اسلام آباد ۾  اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب جي آڏو  ماڙي جلباڻي  جي ڳوٺاڻن تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن طرفان ڪيل دهشتگردي ۽ قتل و غارت گري جي خلاف زبردست مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين کي پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، ڪامريڊ اقبال، اسلام آباد جي اڳواڻ ڪامريڊ مقصود، ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻ ڪامريڊ جواد ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن حسين جروار ۽ شهناز جروار خطاب ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺاڻن تي حملو ڪندڙ اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس سوموٽو وٺي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪري تحقيقات ڪرائي فوت ٿيل ڳوٺاڻن جي پونيرن کي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ۽ زخمين کي ڏھن کان پندرنهن لکن تائين معاوضو ڏنو وڃي.  هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي نگران گهرو وزير کي فوري طور هٽائي کيس گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.