ادارا شهيدن جي وارثن کان معافي وٺن،ملوث ماڻهو ظاهر ڪيا وڃن:زين شاهه

سڪرنڊ:ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه چيو ته جيڪڏهن انتظاميا ڪيس داخل ڪرڻ ۾ اڃا دير ڪري ها ته پوري سنڌ ۾ ڌرڻا شروع ٿي وڃن ها اهڙي ڊپ بعد ايف آئي آر داخل ڪري ڊي سي پاران جڊيشل  انڪوائري لاءِ ليٽر جاري ڪيو آهي. غلط انفارميشن تي غلط آپريشن ڪيو ويو آهي. جن آپريشن ڊزائين ڪيو آهي پوليس هجي يا ٻئي ڪا فورس يا ادارن جا ماڻهو انهن خلاف ٽرائل هلائي کين سزا ڏني وڃي. ادارن کي گهرجي ته شهيدن جي وارثن کان معافي وٺن ۽ ملوث ماڻهن کي ظاهر ڪري انهن کي سزا ڏيارين. ادارن جي ماڻهن کي هميشه رياست ۾ تحفظ ملندو آهي پر ايڏو وڏو ڏوهه ڪيو اٿن ان جي سزا کين ملڻ گهرجي. وزير اعليٰ جيڪا ڪميٽي جوڙي آهي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي حق ۾ فيصلو ڏيندي. جوڊيشل انڪوائري مان اميد آهي ته انصاف ملندو. شهيدن جي وارثن سان هتان جي عام ماڻهو ساٿ ڏنو پر هتان جون بااثر ڌريون خاموش رهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.