”سنڌ ۽ پنجاب جي ڊوميسائل ۾ فرق ڇو؟“وڪيلن جو احتجاج، عدالتي بائيڪاٽ

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا)سڪرنڊ واقعي خلاف سنڌيونائينڊلائررفورم ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر۽ ايڊووڪيٽ شيرمحمد خان جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، مظاهرين جي هٿان ۾ مختلف قسم جا بينرن به هئا جنهن ۾ نعرو  هو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ڊوميسائل ۾ فرق آهي، ٻئي پاسي سنڌبارڪائونسل جي وائيس چيئرمين اظهر حسين عباسي فوري واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي .جڏهن ته سٽي ڪورٽ جي وڪيلن عدالتي بائيڪاٽ ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو وڪيلن چيو ته سنڌ جي عوام کي ديوار سان لڳڻ بند ڪيو وڃي ،هوڏانهن پريس ڪانفرنس ۾ سنڌبارڪائونسل جي ممبر ذوالفقار جلباڻي چيو ته ڳوٺ جي لاچار ماڻهن وٽ ايمبولينس جا پئسا نه هئا،ڪو به عوامي نمائندو ۽ڪمشنر متاثرن وٽ نه آيو . هن چيو ته اسان مائي جندو جي طرح پرامن جدوجهد سان انصاف حاصل ڪنداسين، غريب ماڻهن کي سنڌبارڪائونسل مفت قانوني امداد ڏيندي، هوڏانهن تعلقي بار پنوعاقل طرفان عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو ،بار صدر جمال ناصر بلو ، وڪيل علي محمد ملاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، خيرپور۾ به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، بار جي صدر سيد جعفر شاھ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي ۾ گُهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي کين سخت سزا ڏني وڃي،ٻئي پاسي سکر بار جي وڪلين  ايڊووڪيٽ سردار قربان ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڪيل برادري جي وڏي انگ عدالتي ٻڌڻين جو بائيڪاٽ ڪندي سيشن ڪورٽ سکر جي احاطي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ميهڙ ۾ وڪيلن پاران ميھڙ  بار جي صدر نجيب مھيسر ، وڪيل سعيد پنھور ، وڪيل رضوان حيدر تنيو،وڪيل ذوالفقار چانديو ، وڪيل رياض مھيسر ۽ ٻين جي اگواڻي ۾ عدالتي گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،ٽنڊي الهيار ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي صدر اغيث السلام، جنرل سيڪريٽري منير حسين لغاري، ضمير خاصخيلي ۽ جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن وقار بوزدار، باغي حبيب الله ڪالرو ۽ ٻين چيو ته واقعي جي عدالتي جانچ ڪرائي ذميوارن کي سزائون ڏنيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.