حيدرآباد(رپورٽر)سنڌياڻي تحريڪ(ڪيو اي ٽي) جي مرڪزي صدر زينت سمون زاھده شيخ، نصرت خاصخيلي ناھيد جوڳي،رفيعه پليجو،امير زادي برھماڻي، بختاور چنڊ وارھ جي معصوم نازيا چنا سان اجتماعي جنسي ڏاڍائي بعد فوت ٿيڻ واري واقعي تي انتھائي افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته وارھ وارو واقعو لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ انتھائي بي حسي جو نتيجو آھي،هن واقعي اڄ انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي، هي واقعو سماج جي پدر شاهي نظام جو عڪس آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ھنن اڳواڻن چيو ته قانون جي حڪمراني سان عوام کي انصاف ملي سگھي ٿو،اسان وٽ جيڪو طاقتور آھي اھو قانون کي پنھنجي پيرن ھيٺان لتاڙي ٿو اڳواڻن چيو ته حڪمرانن سنڌ کي المناڪ سانحن جي سرزمين بنائي ڇڏيو آھي. ڪو قانون ناھي، تحفظ رڳو حڪمرانن کي آھي،