وڍ صورتحال تي بي اين پي جا بلوچستان ۾ مظاهرا

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي سڏ تي وڍ جي خراب صورتحال جي حوالي سان سڄي صوبي ۾  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، حب، اوٿل، لسٻيلي، وڍ،خضدار،سوراب، قلات، ڪوئيٽا، مستونگ، هرنائي، پنجگور، تربت، سبي، ڊيرامرادجمالي، ڪوهلو، بسيمه، جعفرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، وڍ ۾ سردار اختر جان مينگل خلاف آپريشن، بي اين پي کي سياسي عمل کان ٻاهر ڪرڻ، جبري گمشدگين خلاف مظاهري کانپوءِ بي اين پي خضدار جي صدر شفيق الرحمان ساسولي، واجه لعل جان محمد بلوچ، مير عبدالرئوف مينگل ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلوچستان جون حالتون ڄاڻي واڻي خراب ڪيون پيون وڃن، خاص طور تي وڍ ۾ خون جي هولي کيڏي پئي وڃي، ڊيٿ اسڪواڊ کي سرڪاري پٺڀرائي حاصل آهي،اڳواڻن چيو ته بي اين پي جا ڪارڪن سازشن کي هر محاذ تي ناڪام بڻائيندا، بي اين پي بلوچستان جي ساحل ۽ وسيلن جو دفاع ڪندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.