نازيا چنو جي خون سان انصاف ڪيو: حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جي بک هڙتال

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي سڏ تي نازيا چنا کي اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر سرمد راڄپر، غلام محمد بروهي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حسنه راهوجو، صفيا سرمد ۽ نورجهان ڪاتيار جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن دوران جاگيرداري نظام نامنطور، نازيا چنا جي قاتلن کي ڦاهي ڏيو، نياڻي سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ وحشين کي ڦاهي ڏيو، قاتلن جي سرپرستي ڪندڙ پوليس عملدارن کي جاچ ۾ شامل ڪريو، قاتلن جي سرپرستي ڪندڙ سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيو” وارا نعريٰ هنيا ويا. اڳواڻن چيو ته نازيا چنا ڪيس ۾ پوليس جو ڪردار قاتلن جي سرپرستي وارو آهي، معصوم نياڻي سان اجتماعي ڏاڍائي ڪئي وئي. هنن چيو ته واقعي کي هڪ مهينو ٿي ويو آهي پر پوليس سمورن مک جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو، 2 مک جوابدار اڃا به قانون جي پڪڙ کان آجا آهن، پوليس انهن جوابدارن کي فورن گرفتار ڪرڻ بدران کين فرار ٿيڻ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن کان سنڌ ايپيڪس ڪميٽي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قبائلي سردارن کي جرڳن جا اختيار ڏنا، تڏهن کان سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيل گردي ۽ نياڻين سان ڏاڍاين ۾ اضافو ٿيو آهي، سنڌ جي حڪمرانن جون غلط پاليسيون نازيا چنا جهڙين ڪيترن ئي معصوم نياڻين جون زندگيون ڳڙڪائي رهيون آهن، هنن چيو ته پوليس کي ڄڻ ته نياڻين جي قاتلن ۽ وحشي جنسي ڏاڍائي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي کان روڪيو ويو آهي، سردار ماڻهو ماريندا ٿا وتن پر انهن خلاف پوليس ايف آءِ آر به داخل نٿي ڪري، جيڪڏهن عوامي دٻاءُ سبب ايف آءِ آر داخل ٿي به وڃي ٿي تڏهن به انهن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي. هنن چيو ته اهي به اطلاع آهن ته پوليس ڪيس خراب ڪري جوابدارن کي بچائڻ چاهي ٿي، قبائلي سردارن جي سرپرستي سبب 2 مک جوابدار اڃا به قانون جي پڪڙ کان آجا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.