نازيا چنا مهيني کان انصاف لاءِ تڙپندي رهي: جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ راڻيپور جي معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو،جيڪب آباد جي حسينه کوسو کان پوءِ وارهه ۾اجتماعي جنسي درندگي جو شڪار بڻيل نياڻي نازيا چنا جي وفات تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي ان کيحڪومتي نااهلي ۽مدي خارج نظام جي ناڪامي جو چٽو ثبوت قرارڏنو آهي، درندگي جو شڪاربڻيل نياڻي هڪ مهيني کان انصاف لاءِ تڙپندي رهي پر پوليس قانون انصاف توڙي انساني حقن جا ادارا خاموش تماشائي جڏهن ته ڏوهارين کي طاقتورن جي پٺڀرائي حاصل رهي. ٽنهي نياڻين جو بيدردي سان قتل سنڌي سماج جي منهن تي چماٽ آهي.ڪاڏي وئي سنڌ جي غيرت تهذيب ۽ ثقافت؟ جماعت اسلامي سنڌ جي اطلاعات سيڪرٽري مجاهدچنا هڪ بيان۾ ڏکويل خاندان سان دلي همدردي جو اظهار۽ بگهڙن توڙي سرپرستن جي گرفتاري جي گهر ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.