راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار فياض شاھ ۽ سندس ڌيءَ حنا شاھ سميت چار جوابدار خيرپور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش، رمانڊ تي پوليس حوالي، پيراڻي حويلي ۾ قتل ٿيل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار فياض شاھ ۽ حنا شاهه کي خيرپور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيوويو، عدالت ۾ پوليس ٻنھي جوابدارن جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، جنھن تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جوابدار فياض شاھ کي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عدالت جوابدار حنا شاھ کي جيل ڪسٽڊي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ حاضري تي حنا شاھ کي به عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت منصور دايو ۽ اعجاز قاضي کي ڪٺ گھرائڻ واري ڪيس ۾ 4 ڏينهن رمانڊ ۽ فاطمه کي قتل ڪرڻ واري ڪيس۾ 8 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.