راڻيپور جي اڳوڻي ايس ايڇ او بچل قاضي جا گرفتاري وارنٽ جاري

راڻيپور (ن ع آ) سول جج مئجسٽريٽ سوڀوديرو ايٽ راڻيپور پاران اڳوڻي ايس ايڇ او بچل قاضي، آءِ او عبدالغفور سرگاڻي، شاھنواز  گوپانگ راڻيپور سول ڪورٽ ۾ ڪيسن جو رڪارڊ وقت سر پيش نه ڪرڻ فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي  سول جج راڻيپور پاران ڊائريڪٽ ڪمپلين داخل ڪئي وئي جيڪا فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجستريٽ گمبٽ ڏانهن موڪلي وئي جنهن انهن جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڪمپلينر عبدالحڪيم جوڻيجو پاران مقتول عجب گل جوڻيجو  جي قتل ڪيس جو رڪارڊ ۽  فرحان جتوئي پاران مقتول سراج جتوئي قتل ڪيس جو رڪارڊ مهيا نه ڪرڻ تي سول جج جي حڪم تي ڪورٽ جي ليڊر پاران ڊائريڪٽ ڪمپلين داخل ڪئي وئي جنهن جا شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيا هئا انهن کي عدالت ۾ رڪارڊ سميت پيش ٿي رڪارڊ مهيا ڪرڻو هو جيڪو پيش ڪري نه سگهيا جنهن تي عدالت سڳوري سندن خلاف ڊائريڪٽ ڪمپلين داخل ڪري گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، بچل قاضي کي فاطمه ڪيس ۾ فياض شاهه کي پروٽوڪول ڏيڻ تي معطل ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.