سکر(رپورٽر) اين سي ايس ڊبليو جي چيئرپرسن نيلوفر بختيار چيو آهي ته معصوم فاطمه ڦرڙو جو واقعو وڏو ظلم آهي، جوابدارن کي قانون تحت منطقي انجام تائين پهچائي عبرت جو نشانو بڻائينداسين ته جيئن اڳتي اهڙا واقعا پيش نه اچن. سکر پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نيلوفر بختيار جو وڌيڪ چوڻ هو ته معصوم ٻارڙين سان پيش ايندڙ اهڙن واقعن کي روڪڻ جا ٻه اثرائتا طريقا آهن، هڪ ته ملزمن جون ضمانتون نه ٿين ۽ ڪيس منطقي انجام تائين پهچن ۽ انصاف جون تقاضائون پوريون ٿين، ٻيو هر علائقي ۾ معياري تعليم عام هئي. هنن ٻُڌايو ته سان فاطمه ڦرڙو جي ڳوٺ جو دؤرو ڪيو جتي اسڪول جي بنيادي سهولت موجود ناهي، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ انفراسٽرڪچر ۽ تعليم جو نظام انتهائي خراب آهي. هن وڌيڪ چيو ته شعور بنا هدف حاصل ڪرڻ ڪيئن ممڪن آهي. مختلف سوالن جا جواب ڏيندي نيلوفر جو چوڻ هو ته پوليس جي ڪارڪردگي اها رهي آهي ته هاڻ تائين ملزم جي ليپ ٽاپ کي ڊي ڪوڊ هي نه ڪيو ويو ۽ـ پوليس آفيسر پاڻ ملزم کي موبائل فون جي سهولت فراهم ڪري رهيا آهن.