ڪراچي مان گم ٿيل ناري اقصيٰ چانڊيو جو پتو نه پيو، وارثن جو احتجاج

ڪنگري (رپورٽ: وسيم سنڌي ) ڪراچي جي سي ويوُ اپارٽمينٽ مان پيرڳوٺ واسي پير قائم شاهه عرف لالڻ شاهه جي ڀيڻ بيبي نعيمان شاهه جي فليٽ مان گم ٿيل پيرڳوٺ واسڻ نوجوان ناري اقصيٰ چانڊيو جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو، ناري اقصيٰ چانڊيو جي والد اياز چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته منهنجون ٻه نياڻيون اقصيٰ چانڊيو ۽ زينب چانڊيو 7 سالن کان ڪراچي ۾ پير لالڻ شاھ جي ڀيڻ بيبي نعيمان شاھ جي فليٽ ۾ ڪم ڪنديون هيون، ڏيڍ مهينو اڳ بيبي نعيمان شاھ ميسيج ذريعي اطلاع ڪيو ته توهان جي ڌيءَ اقصيٰ گهران نڪري وئي آهي، ڪراچي پهتاسين ته اسان کي پڻ قيد ڪيو ويو، هن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته نياڻي اقصيٰ کي قتل ڪري لاش ڪٿي اڇلايو ويو آهي يا پئسن ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اسان جي نياڻين تي رات ڏينهن تشدد ڪيو ويندو هو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.