جوهي دادو ضلعي جي سياست ۾ وڏي اهميت رکندڙ سنڌ جو اهو منفرد تعلقو آهي، جيڪو قيام پاڪستان کان اڳ توڙي پوءِ مخصوص قبيلن جي سگهاري سياست جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ هي پهريون ڀيرو آهي جو ايندڙ چونڊن کان اڳ هن تعلقي جي سياست ۾ نئون موڙ اچڻ وارو پيو ڏسجي، جنهن سان ايندڙ چونڊن جا منظر ۽ نتيجا ڪجهه مختلف ئي ٿيندا جنهن سان ماضي واري سياست جا ترا نڪري ويندا.
جوهي تعلقي ۾ جمالي، لغاري، شاهاڻي ۽ جيلاني سيدن جي سياست رهي آهي جيڪي اقتدار ۾ به رهيا ته وري قومي فيصلن ڪرڻ ۾ به سرگرم رهندا آيا آهن. باقي ذاتيون اڪثريت ۾ رهندي به انهي ڪري اقتداري سياست کان پري رهيون آهن جو اهي ضلعي جي طاقتور اقتداري ڌرين کان پاسيريون رهيون ۽ هنن پنهنجي آزاد سياست ڪئي ۽ جوهي تعلقي ۾ آزاد سياست وڏي جوکي واري سياست هوندي آهي.
جوهي تعلقي ۾ ٻٻر ذات به گهڻي آهي پر انهن جو اقتداري سياست ۾ گهٽ حصو رهيو آهي پر جنهن به سياسي ڌر جو پاسو وٺن ته ان جو پلڙو ڀاري رهندو آهي ۽ هن ذات به يا ته آزاد سياست ڪئي آهي يا وري ڪنهن جو پلڙو ڀاري رکڻ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. جنهن سان هي قبيلو تر ۾ هر سهوليت کان پاسيرو ۽ سخت مشڪلاتن جو شڪار رهيو آهي. جڏهن ته ٿرڙي جادو شهيد ۽ مريد ٻٻر، ٻٻر قبيلي جا ڳڙهه سمجهيا وڃن ٿا۔ماضي ۾ هن ڳڙهه جون ڪجهه ديهون خيرپور ناٿن شاهه تعلقي حوالي ڪري ٻٻر قبيلي کي سياسي طور ڪمزور ڪيو ويو، جنهن سان جوهي تعلقي جي جمالي ۽ لغاري قبيلي جي سياست کي جيئدان مليو.
جمالي قبيلي وري به ڪجهه فائدا ۽ نوڪريون ورتيون پر لغاري قبيلي جا نوجوان نوڪرين کان ته محروم رهيا پر وڏيرڪي ذهنيت هيٺ تشدد جو ڪجهه وڌيڪ شڪار رهندا پيا اچن جنهن ڪري هاڻ لغاري نوجوانن ۾ انقلابي رويا ۽ احساسات ڏسڻ ۾ پيا اچن ۽ هن قبيلي جي سياست گروهن ۾ ورهائجي چڪي آهي، جنهن جي هڪ گروهه جي اڳواڻي نوجوان سردار امداد علي لغاري پيو ڪري جيڪو هن وقت ته پي ٽي آءِ ۾ آهي، ٿي سگهي ته سياسي وايومنڊل تبديل ٿيڻ ڪري ن ليگ ڏانهن رخ ڪري يا وري جمالي رئيس کيس پ پ پ طرف کڻي اچيس جو سردار امداد لغاري کي نه صرف پنهنجي قبيلي جي نوجوانن جي پٺڀرائي حاصل آهي پر ٻين قبيلن ٻٻرن برهماڻين گاڏهين لاشارين جو به لاڙو هن طرف ٿي چڪو آهي۔ هن ڀيري ٻٻر برادري به جوهي جي صوبائي سيٽ تي پنهنجو ڪو اميدوار سامهون آڻي، جنهن لاءِ هڪ سينيئر صحافي ٻٻر قوم جو چڱو مڙس سردار ياسر ٻٻر اڳ ۾ ئي سرگرم عمل آهي جيڪو ڪجهه سالن کان جوهي تعلقي ۾ سياسي سماجي سرگرميون جاري رکيو ويٺو آهي قبيلي توڙي ٻين پاڙن جي ماڻهن ۾ پنهنجو اعتماد پئدا ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. ٻٻر قبيلي جو نوجوان سردار ياسر ٻٻر پڙهيل لکيل دانشور ته پنهنجي جاءِ تي موزون اميدوار آهي پر جوهي تعلقي جي مضبوط قبيلن لغاري جمالين لاشارين شاهاڻين ۾ ايترو مقبول ناهي يا وري سندس ڪو اتي مناسب ووٽ بئنڪ هوندس تنهنڪري ايندڙ چونڊون هن لاءِ ۽ ٻٻر قبيلي لاءِ ٽيسٽ ڪيس هوندو.ميهڙ جا جتوئي به جوهي تعلقي جي سياست تي هر ڀيري اثرانداز رهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ پنهنجو اميدوار ميدان تي لاهيندا آهن.هن ڀيري ٻٻرن جو سردار ياسر ٻٻر ۽ لغارين جو سردار امداد علي لغاري اميدوار طور سامهون آهن ڏسجي ته ميهڙ جا جتوئي ڪنهن جو ٿا پاسو وٺن جنهن جي خبر چونڊ مهم شروع ٿيڻ وقت ئي پئجي سگهبي.
ستر وارين عام چونڊن بعد جوهي تعلقي جي سياست ۾ ڪجهه تبديلي ڏسڻ ۾ آئي جو رئيس علڻ خان لغاري پير محمد شاهاڻي پ پ پ جو حصو بڻجي ويا جيڪي اڳتي هلي 76 وارين عام چونڊن ۾ بنا مقابلي اسيمبلي ميمبر منتخب ٿيا، لڳ ڀڳ ڇهه مهينا ميمبر رهڻ بعد ضياءالحق جي لڳايل مارشل لا ۾ ميمبري کان پري رهيا.ضياء الحق جي دور حڪومت ۾ جوهي تعلقي مان سيد صالح محمد شاهه جيلاني جو پڳدار فرزند سيد محمد بخش شاهه جيلاني ۽ دادو مان برک صحافي وڪيل فنڪشنل ليگ جو مرحوم نصرالله ڪلهوڙو مجلس شورا جا ميمبر نامزد ٿيا ۽ اقتداري ڌرين جو حصو رهيا۔
جوهي تعلقي جي سياست ۾ هن وقت اقتداري سياست سردار رفيق احمد جمالي، سردار ڊاڪٽر بنده علي لغاري،محترمه ڀيڻ سجيلا لغاري، سيد پير صالح شاهه جيلاني جونئير حوالي آهي، جڏهن ته واهي پانڌي مان به هڪ نئون چهرو ڀيڻ ڪنول لاشاري جو به اڀريو آهي، جنهن کي به عوامي سطح تي پذيرائي ملي رهي آهي پاڻ صحافي قادر لاشاري جي نياڻي آهي جنهن جا هن وقت بلاول هائوس سان رابطا آهن ۽ هن نياڻي کي سرگرم سياست جو حصو بنائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. تازو ٿيل مڪاني چونڊن ۾ ضلعي ڪائونسل دادو جي ڪائونسلر طور به منتخب ٿي چڪي آهي.سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته جوهي تعلقي ۾ لاشارين جو به وڏو ۽ مضبوط ووٽ بئنڪ آهي ۽ محترمه ڀيڻ سماجي اڳواڻ هجڻ ۽ ٻوڏن دوران جوهي تعلقي جي متاثرين جي خدمت ڪرڻ سبب مقبوليت حاصل ڪري چڪي آهي، تنهنڪري ممڪن آهي ته هن ڀيري پ پ پ کيس عورتن واري مخصوص سيٽ سندس حوالي ڪري.
باقي جوهي تعلقي واري سيٽ به هن ڀيري پير سيد صالح شاهه جيلاني کي ئي ملندي جنهن جو پنهنجو به ووٽ بئنڪ آهي ۽ هن تعلقي جي ماڻهن جو ٻوڏن دوران اعتماد حاصل ڪيو آهي۔اهڙي طرح سردار رفيق احمد جمالي جي دادو جوهي ايم اين اي واري سيٽ پڪي آهي جو سندس پنهنجو ووٽ بئنڪ مضبوط آهي۔اهي به اطلاع آهن ته سردار رفيق احمد جمالي پنهنجي فرزند کي به قومي سياست طرف آڻڻ جو ارادو رکي ٿو جنهن جي هن سياسي تربيت مڪمل ڪري ڇڏي آهي۔هونئن به سردار رفيق احمد جمالي جي مقابلي ۾ ڪو به ٻيو مضبوط اميدوار موجود ناهي سواءِ ٻيٽي جي جتوئين جي يا وري جيڪب آباد جي پنهور سردارن جي، جن جو ٿورو گهڻو هتي ووٽ بئنڪ آهي پر ڪاميابي جيترو ناهي۔هونئن به دادو جوهي جو ماڻهو ٻاهرين کي ووٽ ناهي ڪندو. ماضي جو مثال آهي ته ڪراچي جو صنعتڪار محمود هارون دادو شهر ۾ ڦٽين جو ڪارخانو لڳائي سياست ڪئي هئي پر جوهي جي رئيس علڻ خان لغاري کان شڪت کائي جو ڀڳو ته دادو واپس نه وريو۔رئيس علڻ خان لغاري سياست جا اصول ڇڏي ويو جيڪي هن وقت به اقتداري ايوانن ۾ گونجن پيا.رئيس جا پونئير ٻه پٽ رئيس اڪبر خان لغاري ۽ رئيس ڊاڪٽر منظور حسين لغاري به اسيمبلي ميمبر ٿي رهيا ۽ پنهنجي والد واري سياست ڪئي پر هن وقت اهي ڪٿان لڀن جو پنهنجي قبيلي ۽ ٻين قبيلن جي ماڻهن جي مثبت انداز ۾ واهر ڪن.
بهرحال جوهي تعلقو سياسي توڙي تاريخي و ثقافتي لحاظ کان پوري سنڌ جو هڪ مک حصو آهي جيڪو سدائين قدرتي آفتن ۽ ڳنڀير مسئلن جو شڪار رهيو آهي اهڙي تعلقي لاءِ اها ئي قيادت اڳيان اچي جيڪا تعلقي کي ڳنڀير مسئلن مان ٻاهر ڪڍي روڊ رستا ٺهرائي،گئس بجلي تعليم ۽ صحت جحريون سهولتون عوام تائين پهچائي.تشدد ۽ غريبن جي ملڪيتن تي قبضه خوري وارو سلسلو ختم ٿئي.