دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ليگ ٽي ٽوئنٽي پليئرز نيلاميءَ ۾ پاڪستاني نسيم شاهه ۽ حسن نواز کي سائن ڪيو ويو آهي.
دبئي ۾ ٿيل آءِ ايل ٽي ٽي ٽوئنٽي پليئرز آڪشن ۾ نسيم شاهه ۽ حسن نواز کي ايونٽ جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
آءِ ايل ٽي ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊيزرٽ وائپرز فخر زمان کان پوءِ وڌيڪ ٻن پاڪستاني رانديگرن جون خدمتون حاصل ڪري ڇڏيون،
ڊيزرٽ وائپرز نسيم شاهه کي 80 هزار آمريڪي ڊالرز جڏهن ته حسن نواز کي 40 هزار ڊالرز عيوض سائن ڪيو .
ان کان اڳ آءِ ايل ٽي ٽي ٽوئنٽي لاءِ ڊيزرٽ وائپرز فخر زمان جون خدمتون به 80 هزار ڊالرز ۾ حاصل ڪيون هيون.
ايونٽ ۾ پاڪستاني رانديگرن جي شموليت اجازت نامي (اين او سي) سان مشروط ڪئي وئي آهي.
You might also like