هالي ووڊ جي ناليوارن اداڪارن ۽ فلمسازن سميت 3900 کان وڌيڪ فنڪارن اسرائيلي فلمي ادارن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي فلمي ادارن جو بائيڪاٽ ڪندڙن ۾ ايما اسٽون، ٽلڊا سوئٽن، سوزن سرينڊن ۽ مارڪ رفالو جهڙا وڏا نالا شامل آهن.
فنڪارن جو چوڻ آهي ته اهي اسرائيلي فلمي ادارن سان گڏ ڪم نه ڪنداسين.
هنن پنهنجي ان قدم کي نسل پرستي ۽ غزا ۾ جاري نسل ڪشي خلاف هڪ اصولي موقف قرار ڏنو.
فنڪارن واضح ڪيو ته اهو بائيڪاٽ انهن ادارن خلاف آهي، جيڪي انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ شريڪ آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ به هالي ووڊ سميت 1300 کان وڌيڪ عالمي فنڪارن، هدايتڪارن ۽ فلمسازن غزا ۾ جاري ڏاڍ تي اسرائيلي فلمي ادارن جي بائيڪاٽ جو عزم ڪيو هو.
هالي ووڊ اداڪارن، فلمسازن سميت 3900 کان وڌيڪ فنڪارن جو اسرائيلي فلمي ادارن جي بائيڪاٽ جو اعلان
You might also like