ترقي پسند صحافي شاهد حسين کي ڀيٽا پيش

ڪراچي(رپورٽ:ذوالفقار راڄپر) ڪراچي پريس ڪلب پاران سينيئر صحافي، ليکڪ ۽ اڳوڻي سياسي ڪارڪن شاهد حسين جي لاڏاڻي تي هڪ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪلب جي صدر سعيد سربازي ڳالهائيندي چيو ته شاهد حسين جو تعلق چرين صحافين جي قبيلي سان هو، جنهن صحافت ۾ ايمانداري سان ڪم ڪيو ۽ ان مان ڪو به پئسو نه ڪمايو، هو واٽس اپ صحافي به نه هو ۽ هو  غريبن جو دوست ليکڪ ۽ قلم نويس هو، ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيو ته ڪراچي پريس ڪلب شاهد حسين جي دوستن سان گڏجي سندس اڻ ڇپيل ڪتاب ڇپرائڻ جا اپاءَ وٺندي ، سينيئر صحافي مظهر عباس چيو ته شاهد حسين پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن هو ته مٿس ڪو به ڪرپشن ۽ بدعنواني جو الزام نه هو، پر سندس مسلسل سگريٽن جي پيئڻ مان لڳي رهيو هو ته سندس اندر ۾ ڪا اڻ تڻ رهجي وئي آهي، سندس لکڻين جو موضوع اهي ماڻهو آهن، جيڪي خواب ڏسن ٿا پر انهن جي تعبير نه ٿي ملي،  مجاهد بريلوي چيو ته شاهد حسين کي سندس سياسي نظرين جي ڪري جسماني ۽ ذهني اذيتون ڏنيون ويون هيون ۽ هو سوشلسٽ نظريي جي انهن ڪامريڊن ۾ شامل نه هو جن اسڪالر شپيون ورتيون ۽ پئسا ڪمايا، هو به نام نهاد نظرياتي فردن جي روين جو شڪار رهيو، سيد عابد علي چيو ته شاهد حسين کي جوانيءَ ۾ رياستي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پروفيسر توصيف احمد چيو ته شاهد حسين ڪڏهن به پنهنجي ماضي جي جدوجهد ۽ پنهنجن خيالن جي خلاف نه ڳالهايو ۽ هن هر ڪنهن جي خلاف تنقيد ڪئي ۽ لکيو. شاهد حسين جي ڌيءُ ڊاڪٽر زويا،ڊاڪٽر جعفر احمد، عزيز سنگراڻي، مهناز رحمان، وارث رضا، سرفراز احمد، ڊاڪٽر عليزا، سهيل سانگي، مقصود يوسفي، ڊاڪٽر تنوير شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي شاهد حسين کي صحافت، سياست ۽ ٻين شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هو هڪ بهادر، بي خوف ۽ محنتي صحافي ۽ ماضيءَ جو ترقي پسند سياسي ورڪر هو، ان موقعي تي ذوالفقار راڄپر، ذوالفقار واهوچو، سينيئر فوٽوگرافر اختر حسين سومرو، ڊاڪٽر بخشل، زلف پيرزادو، سعيد لاشاري، سعيد جان بلوچ ۽ صحافين جي دوستن ۽ شاهد حسين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.