راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته فوج ڪي پي ڪي جي ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي، ته جيئن معاشي ترقي جي رفتار کي وڌائي سگهجي، آءِ ايس پي آر موجب پشاور ۾ اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران آرمي چيف کي منشيات جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي خلاف قدمن سميت مجموعي سيڪيورٽي صورتحال جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ نگران وزيراعليٰ ڪي پي ڪي محمد اعظم خان به شريڪ ٿيو، ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي ترقي، استحڪام ۽ امن جي لاءِ هڪ ٻئي سان گڏ سهڪار وڌائڻو پوندو، ملڪ جي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو، صوبائي اپيڪس ڪاميٽي ان ڳالهه جو عزم ڪيو ته رياستي ادارا عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ متحد آهن.