ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي منصوبن تي جاري ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صوبي جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو  وٺندي پي اينڊ ڊي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو هلندڙ ڪمن کي تيز ڪن ته جيئن نه رڳو تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر بحال ٿي سگهي پر مقامي سطح تي معاشي سرگرميون پڻ شروع ڪري سگهجن. اجلاس ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي، سيڪريٽري ناڻي ڪاظم جتوئي ۽ سيڪريٽري پلاننگ اصغر ميمڻ شرڪت ڪئي. چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل مڱڻيجو نگران وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرن جي فصلن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحاليءَ لاءِ 1.5 ارب ڊالر رقم گهربل آهي وڏي وزير پي اينڊ ڊي کاتي کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثرن جو جامع ڪيس تيار ڪري ورلڊ بئنڪ کي پيش ڪيو وڃي ته جيئن ان جي جلد کان جلد منظوري ڏئي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.