ڊيره اسماعيل خان(م ڊ) انٽيلي جنس معلومات جي بنياد تي آپريشن دوران پوليس ڪانسٽيبل کي شهيد ڪندڙ انتهائي گهربل دهشتگرد سميع الله ماريو ويو. خيبرپختونوا پوليس طرفان جاري بيان موجب ڊيره پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي تعلقي ڪلاچي جي علائقي ٽڪواڙه ۾ گڏيل انٽليجنس بيسڊ آپريشن دوران علائقي ۾ موجود دهشتگردن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني.
-
فرانس ۾ عورت رانديگرن جي حجاب تي پابندي لاڳو، گڏيل قومن جي تنقيد
پئرس/گڏيل قومون(م ڊ) فرانس ايندڙ سال منعقد ٿيندڙ پئرس اولمپڪس دوران عورت رانديگرن کي حجاب پائڻ کان روڪي ڇڏيو، ٻي طرف گڏيل قومن سيڪيولرازم جي نالي تي فرانس طرفان اولمپڪ راندين دوران فرانس جي رانديگرن کي حجاب پائڻ کان روڪڻ جي جواب ۾ عورتن تي لباس جو ضابطه اخلاق مڙهڻ يا ان تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي اصولي مخالفت جي تجديد ڪئي آهي. انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي ترجمان مارٽا هرٽاڊو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عام طور تي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس جو خيال آهي ته ڪنهن کي به عورتن کي اهو حق نه ڏيڻ گهرجي ته کيس ڇا پائڻ گهرجي يا ڇا پائڻ نه گهرجي.
-
ڪراچي: گلستان جوهر ۾ پوليس مقابلي جي وڊيو سامهون اچي وئي
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ پوليس مقابلي جي وڊيو سامهون اچي وئي ، ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ جوابدارن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلي جي سي سي ٽي وي ۽ ٻيا فوٽيجز سامهون اچي ويا ، پوليس مقابلي ۾ پوليس اهلڪارن جي بهادريءَ جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي شاهراهه فيصل ٿاڻي جي اهلڪارن بهادري سان ڏوهارين جو مقابلو ڪيو، فوٽيجز ۾ جوابدارن کي پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، فائرنگ باوجود پوليس اهلڪار وڙهندا رهيا ۽ جوابدارن جو پيڇو ڪندا رهيا .
-
ڪراچي: محبوبا جي مهڻي عاشق کي ڦورو بڻائي ڇڏيو!
ڪراچي (م ڊ) محبوبا جي مهڻي عاشق کي ڦورو بڻائي ڇڏيو، 19 سيپٽمبر تي ڪورنگي ۾ ڪيش وين مان ڪروڙين رپيا ڦر واري واقعي جي حقيقت سامهون اچي وئي، محبوبا زوهيب کي غريب هجڻ جو مهڻو ڏئي ڇڏي ڏنو هو. زوهيب راتو رات امير بڻجڻ لاءِ ڪورنگي مان ڪيش وين کي ڦريو، نجي بئنڪ جي ڪيش وين ۾ 6 ڪروڙ 35 لک رپيا موجود هئا. جوابدار جي مائٽن جاچ اختيارين کي ٻڌايو ته ڇوڪري غريب هجڻ جو مهڻو ڏئي زوهيب کي ڇڏي ڏنو ۽ ٻئي هنڌ شادي ڪري ڇڏي، ٻه مهينا اڳ نوڪري ڇڏي شادي ڪرڻ وهاڙي ويو هو، وهاڙي پهتو ته کيس خبر پئي ڇوڪري شادي ڪري ڇڏي آهي جاچ اختيارين موجب محبت کسجڻ تي زوهيب واپس آيو، ان ئي ڪمپني ۾ ٻيهر ملازمت ڪيائين، 19 سيپٽمبر تي ڪيش وين ڦري فرار ٿي ويو هو، زوهيب محبت ۾ ناڪامي تي ڦورو بڻجي ويو.
-
ڀارت ۾ ٻارڙي سان ريپ، ڪپڙن کان آجي حالت ۾ مدد لاءِ پڪاريندي رهي!
ڪراچي (م ڊ) ڀارت ۾ 12 سالن جي ٻارڙي زيادتي بعد ڪپڙن کان آجي حالت ۾ رستن تي مدد لاءِ پڪاريندي رهي، ڀارت ۾ جنسي زيادتي جو شڪار ٿيل 12 ورهين جي ٻارڙي جي ڪپڙن کان آجي حالت ۾ مدد جي لاءِ پڪار ۽ گهٽين ۾ گهمڻ جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب 12 ورهين جي ٻارڙي کي رياست مدهيا پرديش جي شهر اجين ۾ زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد هڪ پناهه گاه جي ٻاهران اڇلايو ويو هو، ٻارڙي هڪ رهائشي علائقي ۾ مدد جي لاءِ پڪاريندي رهي ۽ ان دوران هو دروازي تي بيٺل هڪ شخص کي مدد لاءِ چيو پر اُن شخص هن کي ڌڪاريو، ٻارڙي کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
-
آمريڪي عدالت ڊونلڊ ٽرمپ کي دوکي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو
نيويارڪ(م ڊ) آمريڪي عدالت اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي دوکي جو ذميوار قرار ڏنو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ڪمپني ٽرمپ آرگنائزيشن کي نيويارڪ ۾ ديواني ڪيس ۾ دوکي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، نيويارڪ جي جج ٽرمپ جي وڪيل پاران ڪيس کي خارج ڪرڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو، نيويارڪ جي اٽارني جنرل ليٽيا جيمز ڪيس داخل ڪيو جنهن ۾ هن اڳوڻي صدر تي سيپٽمبر 2022 ۾ پنهنجي ڪمپني اثاثن ۽ گڏيل ماليت ۾ غير قانوني اضافو ڪرڻ جو الزام لڳايو ته جئين هو قرض ۽ انشورنس بهتر شرط تي حاصل ڪري سگهي،
-
بشريٰ بي بي آڊيو ليڪ ڪيس جسٽس ثاقب نثار جي پٽ سان گڏايو ويو
اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي آڊيو ليڪ ڪيس کي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ سان ضم ڪري ڇڏيو آهي. اربع ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار جي عدالت ۾ آڊيو ليڪس نوٽيس خلاف بشرا بي بي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاق طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل پيش ٿيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته پوليس ايف آءِ اي کي چيو وڃي ته ته بشريٰ بي بي جي آواز جو نمونو ورتو وڃي. عدالت اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ ۽ بشريٰ بي بي جو ڪيس ضم ڪري ڇڏيو.عدالت ايف آءِ اي جي طلبي جي حڪم ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
-
پاڪستاني انٽيليجنس ايجنسي خلاف ڀارت جي پروپيگنڊا وائکي
اسلام آباد(م ڊ) ڪينيڊا ۾ ڀارت جي بدنام زمانه ڳجهي ايجنسي ”را“ جي هٿان سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل سان نريندر مودي جي ڀارت جو اصل چهرو عالمي سطح تي بي نقاب ٿي ويو آهي،جڏهن ته پاڪستاني انٽيليجنس ايجنسي خلاف ڀارت جو هڪ ٻي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا وائکي ٿي وئي ڪشمير ميڊيا موجب ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارتي حڪومت جي ايجنٽن جي ملوث هجڻ جي اعلان ٻين ملڪن ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگردي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي.
-
اولهه دنيا کي وڏي جنگ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي: اڳوڻو روسي صدر
ماسڪو(م ڊ) روس جي اڳوڻي صدر دمتري مددوف چيو آهي ته نيٽو ٻي عالمي جنگ کان وڏي جنگ جو سبب بڻجندو جنهن جو نتيجو انسانيت لاءِ ٻي عالمي جنگ کان به وڏي تباهي هوندو. روس جي خابرو اداري موجب روس جي اڳوڻي صدر دمتري مددوف گذريل ڏينهن ٽيلي گرام پوسٽ ۾ خبردار دار ڪيو ته اولهه يوڪرين کي وڏا هٿيار فراهم ڪري نازي ازم جو مظاهرو ڪندي دنيا کي ٻي عالمي جنگ کان وڏي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضرورت پوڻ تي روس نيٽو خلاف مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي،