فيض آباد ڌرڻو ڪيس، پيمرا پاران به نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (م ڊ) پيمرا فيض آباد ڌرڻي واري فيصلي جي خلاف نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پيمرا طرفان درخواست واپس وٺڻ جي گڏيل درخواست داخل ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ موقف اختيار  ڪيو ويو آهي ته پيمرا نظر ثاني درخواست جي پيروي نٿو ڪرڻ چاهي. داخل ڪيل درخواست موجب فيض آباد ڌرڻي واري فيصلي جي خلاف نظرثاني درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست تي 28 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پيمرا جي درخواست منظور ڪئي وڃي ۽ فيصلي جي خلاف نظرثاني واپس وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن انٽيليجنس بيورو(آءِ بي) به سپريم ڪورٽ کان نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جي اجازت گهري هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.