اليڪشن ڪميشن ۾ اعتراض داخل ڪيا آهن: علي حسن زرداري

ٺٽو: سامونڊي پٽي واري پي ايس 78 گھوڙاٻاري مان چونڊيل پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي علي حسن زرداري ۽ ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين عبدالحميد پنھور چيو آھي ته ٺٽي جي صوبائي تڪ جي ھڪ سيٽ گھٽتائي  ۽ حدن سان ڇيڙ ڇاڙ واري عمل خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ اسان پ پ ضلعي ٺٽي جي قيادت پاران الڳ الڳ اعتراض داخل ڪرايا ويا آھن. ٺٽو ضلعو تاريخي حيثيت رکندڙ آھي ان جي حدن سان ڇيڙ ڇاڙ برداشت نه ڪئي ويندي. پنھنجي قانوني ماھرن سان صلاح مشورا ھلندڙ آھن پوري تياري سان اليڪشن ڪميشن ۾ اعتراض داخل ڪرايا آھن. ھنن چيو ته ٺٽي ضلعي جي 3 صوبائي تڪن ۽ ھڪ قومي سيٽ جو آدمشماري اسڪور پورو آھي. قانوني ماھرن جي ٽيم ھن انتھائي حساس ۽ اھم معاملي کي ڏسي رھي آھي، اعتراض داخل ٿي چڪا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.