ٺٽو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته حد بنديون رولز موجب به انصاف ڀريون ناھن ٿيون صرف ڪراچي ۾ واڌارا ڪيا ويا آھن، نئين آدم شماري اعتراضن سان ڀريل آھي،ڊجيٽل آدم شماري تي سنڌ جي ماڻھن کي اعتراض رهيو، خاص طور تي سامونڊي پٽي جي ماڻھن وڏو اعتراض ڪيو ھو ان تحت ٿيندڙ حدبندي شفاف ۽ انصاف ڀري ناھي ٿي،ھن چيو ته پاڪستان ۾ ٿيل نين حدبندين سبب سنڌ جي نمائندگي گھٽ ٿي آھي، نين حدبندين ۾ وڏا گھپلا ڏسڻ ۾ اچن پيا، ھن چيو ته نين تڪ بندين جي رزلٽ سان ٺٽي جي سيٽ گھٽجڻ سبب ٺٽي جي نمائندگي گھٽجي وئي آھي، ٺٽو اھم تاريخي ضلعو رھيو آھي، خاص طور پاڻي جي معاملي تي تمام گھڻو ڀوڳڻو پوي ٿو، جنھن جي ڪري ھتان کان تمام گھڻي لڏپلاڻ ٿي آھي ھن چيو ته ساڍا 5 لک آبادي تي ھڪ تڪ ٺاھيو ويو آھي جيڪا تاريخي ضلعي سان سخت ناانصافي آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي ان تي اعتراض داخل ڪندي، هن چيو ته ٺٽي جي سيٽ گھٽ ڪري عوام کان آواز کسڻ جي سازش ڪئي وئي آھي. ھن چيو ته 10 سيڪڙو آبادي جي تناسب سان حدبندي ڪئي وڃي ھا ته ٺٽي جون ٽئي سيٽون قائم ھجن ھا، ڪي ڌريون چاھين ٿيون ته حقيقي نمائيندا ڌرتي ڌڻي ۽ اصل وارث ھئڻ باوجود پاليسي وارن ايوانن مان ٻاھر رھن،