سامونڊي ۽ ڪوهستاني پٽي جي حصي کي ٽوڙي ملير ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ جي سازش؟

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) تڪ بندين جي آڙ ۾ سنڌ جي تاريخي ضلعي ٺٽي جي جاگرافيائي نقشي سان هٿ چُراند جو انڪشاف، ساحلي ۽ ڪوهستاني پٽي جي حصي کي ٽوڙي ملير ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ جي سازش، ٺٽي ضلعي جي نئين آدمشماري تحت آبادي گھٽ ڄاڻائي ٽن صوبائي تڪن ٺٽو گهوڙاٻاري ۽ ميرپور ساڪرو مان هڪ صوبائي تڪ ختم ڪرڻ جو امڪان. ضلعي جي 10 لک 83 هزار 191 انساني آبادي ظاھر جي صرف ٺٽي ۽ گهوڙاٻاري جي صوبائي تڪن کي بحال رکي ميرپور ساڪرو جي صوبائي تڪ کي ختم ڪيو پيو وڃي. ميرپور ساڪرو جي گهارو، ڌاٻيجي، ڀنڀور، گُجو ۽ هاليجي کان ويندي جنگشاهي تائين وارو علائقو نئين صوبائي تڪ ۾ شامل ڪري ملير سان ملائڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آھن. ٺٽي جي ٽن صوبائي تڪن مان هڪ صوبائي تڪ کي ختم ڪري اصل ۾ ڀنڀور کان ٻُھارا ميرپور ساڪرو تائين ساحلي پَٽي ۽ ڌاٻيجي کان جنگشاهي تائين ڪوهستاني پٽي جي جاگرافيائي حدن ۾ ڇيڙڇاڙ ڪري نئون تڪ بنائڻ جو مقصد اڪنامڪ زون جي نالي تي سيٽلائيٽ نيو ٽائون شھر ٺاهيو پيو وڃي، جنھن سان تاريخي ضلعي ٺٽي جي جاگرافيائي حدن جي ڇيڙڇاڙ ڪري مقامي سوين ڳوٺ متاثر ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.