حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته جيستائين سنڌ مان افغان پناهگيرن سميت سمورن ڌارين کي نيڪالي نه ڏني ويندي تيستائين سنڌ ۾ امن امان نه ٿي سگهندو، سنڌ جي اندر بدامني، منشيات فروشي، اغوائن ۽ اسمگلنگ ۾ ڌارين آبادڪاري ملوث آهي، سجاول ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت ڪندڙ نوجوانن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي وڌيڪ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ سنڌين جو مادر وطن آهي جنهن کي رب پاڪ هر نعمت سان مالا مال ڪيو آهي، جيڪڏهن سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ٿين ته سنڌ دبئي بڻجي وڃي ۽ ڪو ماڻهو سنڌ جو بک يا بيروزگاري ۾ نه هجي پر سنڌ سان مسلسل ناانصافي ٿيندي پئي رهي سنڌ جو جاگيردار، وڏيرو سدائين پنهنجي ذاتي خصيص مفادن خاطر سنڌ جي مفادن جو سودو ڪندو رهيو آهي، سنڌ جي نوجوانن کي ايس ٽي پي سگهه بڻجي سنڌ جي خوشحالي جي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي سنڌ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جاگيردارن سردار ۽ ڀوتارن جو مقابلو ڪندي.