پنجاب جي خاتون وزيراعليٰ مريم نواز شريف فيصل آباد ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته منهنجو پاڻي، منهنجو پئسو پنجاب پنهنجي پاڻي تي ڪئنال ٺاهڻ چاهي ٿو ته توهان کي تڪليف ڇو ٿي ٿئي؟ هن چيو ته اسان ڪنهن ٻئي جو پاڻي چوري نه ٿا ڪريون پنهنجي پاڻي تي چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ٺاهيون پيا سو پنجاب جي عوام کي حق ڏيڻ لاءِ ڪنهن جي به اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي.
هوڏانهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاس ۾ پڻ پ پ ۽ ٻين سياسي جماعتن مريم نواز جي ان تقرير خلاف سخت احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو ۽ جيستائين مريم نواز معافي نه ٿي وٺي تيستائين ڪنهن به قانون سازي جو حصو نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو. پ پ ميمبرن جو چوڻ هو ته منهنجو پاڻي ۽ منهنجو پئسو واري بيان جو ڇا مطلب آهي ايئن ته پوءِ ٻيو ڪو صوبو وري اهو چوندو ته ”منهنجو پيٽرول ۽ ڪڻڪ سو اسان جي مرضي“ هنن چيو ته سنڌو آهي ته ملڪ آهي سو اسان اهڙي حالت ۾ حڪومتي بينچن تي نٿا ويهي سگهون پوءِ اوهان جي مرضي جيئن وڻيو تيئن حڪومت هلايو. اسان کي وزارتون، ڪرسيون ۽ مراعتون نه گهرجن.
پ پ جي ان سخت ردعمل تي وزير قانون اعظم نذير تارڙ کين پرچائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ته جيڪڏهن دوستن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان معذرت خواه آهيان. اپوزيشن کي چوان ٿو ته اوهان کي خوش ٿيڻ جي ضرورت ناهي اسان پاڻ مسئلو حل ڪري وٺنداسين. وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار رانا ثناءَ الله سينيٽ ۾ چيو ته پاڻي سڄي ملڪ جو آهي جنهن کي فارمولي تحت ورهايو ويو آهي. هن چيو ته مريم نواز اصل ۾ ان فارمولي تحت پنجاب جي پنهنجي پاڻي واري حصي جي ڳالهه ڪري رهي هئي جنهن کي غلط سمجهيو ويو آهي.
مريم نواز جي ان موقف کي اسان هڪ انتهائي غير ذميواراڻو ۽ وفاق جي روح مخالف سمجهون ٿا جنهن خلاف سنڌ ۾ توقع موجب سخت ترين ردعمل ظاهر ٿيڻ لڳو آهي. مريم نواز جنهن عهدي تي موجود آهي سو عهدو هڪ غير ذميواري ۽ غير سنجيدگي کي اصولي طور تي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. مريم نواز جي ان تقرير سان پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جيڪي هن وقت وفاق ۾ اتحادي حڪومتون آهن تن جي لاڳاپن تي به شديد اثر پيو ئي پيو آهي پر ان سان سنڌ ۾ به مسلم ليگ (ن) جي سياسي ساک کي پڻ سخت ڇيهيو رسيو آهي.
اهو غير ذميواراڻو بيان ان حڪومت جي پنجاب جي وزيراعليٰ ڏنو آهي جيڪي پاڻ کي وفاق جو علمبردار سمجهندا آهن ۽ جيڪي سنڌ جي معدني وسيلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ته وفاق جو راڳ آلاپيندا آهن پر پاڻ سنڌ کي قانون ۽ پاڻي جي معاهدي تحت پنهنجي حصي جو پاڻي به نه ڏئي سگهندا آهن. جڏهن ته پاڻي جو 91 وارو معاهدو سندن ئي حڪومت ۾ غير جمهوري طور تي لاڳو ڪيو هو پر افسوس ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي ان معاهدي تحت به سنڌ کي پاڻي جو حصو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ان قانون جي گهرج کي ان ڪڏهن به وفاق جو ۽ قومي مفاد ناهي ڄاتو اڃان به ملڪ کان پاڻ کي ڌار ڪري وڏي واڪي چئي ٿي ته ”منهنجو پاڻي، منهنجو پئسو، منهنجي مرضي.“ مريم نواز جي ٻولي وانگر جيڪڏهن ڪنهن ننڍي صوبي جو وڏو وزير اهڙي تقرير ڪري ها ته منهنجو صوبو، منهنجا وسيلا، اوهان جو ڇا وڃي ته ان کي بغاوت سمجهيو وڃي ها پر بغاوت جا ۽ ملڪ غداري جا سرٽيفڪيٽ ڏيندڙ ملڪ جي وڏي صوبي جي وزيراعليٰ جي ٻولي کي ڪير ڏسي. مسلم ليگ (ن) جو وفاقي وزير ٿو چوي ته اصل ۾ مريم نواز پنهنجي پاڻي جي حصي جي ڳالهه ڪري رهي هئي جنهن کي سمجهيو ناهي ويو. جيڪڏهن ايئن به آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اخلاقي طور پهريون اوهان سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو آهي جو پنهنجي پاڻي جي حصي تي حق جتائي رهيا آهيو. پهريون وفاقي ۽ پنجاب جي حڪومت کي پنهنجو ڪردار صاف رکڻ گهرجي ۽ ٻين صوبن جي حقن جو ايئن ئي خيال ڪرڻ گهرجي جيئن پنهنجي حصي جو خيال ڪيو پيو وڃي.
اها به حقيقت آهي ته مريم نواز اهڙو غير ذميواراڻو بيان سنڌ حڪومت جي ڪجهه وزيرن جي غير ذميوار بيانن جي ردعمل ۾ ڏنو آهي جن بجاءِ انجي ته پنجاب صوبي ۾ آيل ججهين برساتن ۽ ٻوڏن ۾ پنجاب حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جي الٽو ان تي سياست ڪئي ۽ پنجاب حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي اهو تاثر ڏنو ته پنجاب اندر ايڏي تباهي آئي آهي تياري نه ڪئي تنهن ڪري پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ٻين اڳواڻن سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ نوبت ان تقرير جي آئي جنهن جنهن پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي وزيرن يعني حڪمرانن پاڻ غير ذميواراڻا بيان ڏنا آهن جيڪي سندن غير سياسي ذهنيت ۽ سياسي تعليم جي فقدان کي ظاهر ڪن ٿا.
ان غير سياسي ذهنيت جو ڪارڻ اهو آهي ته سياسي ۽ نظرياتي تربيت جون درسگاهون بند ڪيون ويون آهن شاگرد يونين تي ضياءَ الحق جي مارشل لائي دور کان بندش پيل آهي جنهن نتيجي ۾ يونيورسٽين مان تعيلم يافته ۽ سند يافته سياستدان پيدا نٿا ٿين جنهن نتيجي ۾ اسيملبيون ڪاروباري ۽ ٽيڪنو ڪريٽ شخصيتن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ چوڌرين سان ڀريل ملن ٿيون جن کي سياست تي ڳالهائڻ به نه ٿو اچي ۽ نه ئي عوام جي عزت نفس جو خيال اٿن. عوام ته ڇڏيو کين ملڪ، ملڪي ادارن جي سلامتي ۽ بقا جو به خيال ناهي ۽ نه ئي هڪٻئي جي مئنڊيٽ جو احترام ڪري سگهڻ جي اهليت رکن ٿا.