ٽرمپ امن منصوبو: نسل ڪشي ڪندڙ ملڪ کٽي ويو

تحرير: زاهد حسين

هن مسودي هڪ طرح سان صهيوني فوجن جي ڪيل نسل ڪشيءَ جي حمايت ڪئي آهي، جنهن ۾ ڏهه هزارين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ گهڻائي عورتون ۽ ٻار شامل آهن، جڏهن ته قبضي هيٺ سرزمين جي سڄي آبادي کي پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي۔ هي منصوبو حقيقت ۾ اهو چوڻ جو هڪ طريقو آهي ته جنگي ڏوهن ۾ ملوث ملڪ کٽي ويو آهي۔ اڳوڻي برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر ۽ ٽرمپ جو ڏوهٽو جيرڊ ڪشنر هن نام نهاد امن منصوبي جي تياريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ ٽرمپ جي پهرين صدارتي مدي دوران ابراهم معاهدن جي پوئتي به جيرڊ ڪشنر ئي محرڪ هو۔ ٽوني بليئر پنهنجي پاسي کان وزيراعظم طور، وڏي تباهي مچائڻ وارن هٿيارن بابت ڪوڙن دعوائن جي بنياد تي عراق تي آمريڪي قيادت هيٺ ٿيندڙ حملن ۽ قبضي جي حمايت ڪئي هئي۔ عرب دنيا ۽ برطانيه ۾ ڪيترائي ماڻهو کيس جنگي ڏوهاري سمجهن ٿا۔ اهو حيران ڪندڙ نه هو ته اسرائيل تازي آمريڪي منصوبي کي فوري طور قبول ڪري ورتو۔ پريس ڪانفرنس ۾ ٽرمپ سان گڏ بيٺل اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نتنياهو، جنهن تي بين الاقوامي فوجداري عدالت طرفان انسانيت خلاف ڏوهن جا الزام آهن، وٽ آمريڪي اڳواڻ جي واکاڻ ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هو۔ هن چيو ته: ’’حماس کي ختم ڪرڻ لاءِ اسرائيل کي منهنجي مڪمل حمايت حاصل هوندي‘‘۔ هن امن منصوبي کي بلڪل صحيح نموني سان خطي ۾ اسرائيل جي فوجي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ’’ٽرمپ نتنياهو منصوبو‘‘ سڏيو ويو آهي۔

حماس کي هن منصوبي کي قبول ڪرڻ لاءِ 72 ڪلاڪن جو الٽي ميٽم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته منصوبي تي ڪم ڪندي هن گروپ سان ڪو به صلاح مشورو نه ڪيو ويو۔ حماس کي وقت ڏنو ويو آهي ته يرغمالين کي آزاد ڪري ۽ پنهنجي تحويل ۾ مري ويل اسرائيلي شهرين جا لاش واپس ڪري۔ ستم ظريفي اها آهي ته فلسطيني، جيڪي هن تڪرار جا مظلوم ڌر آهن، تن سان به هن نام نهاد امن منصوبي بابت ڪو مشورو نه ڪيو ويو، جيتوڻيڪ ان جو مقصد سندن قسمت جو فيصلو ڪرڻ آهي۔

پاڪستان سميت وڏن عرب ۽ مسلم اڪثريتي ملڪن جي اڳواڻن اڳ ئي هن منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بابت ڪيترن تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته غزه کي نوآبادياني حڪومت هيٺ رکيو ويندو۔ معاهدي ۾ فقط مختصر نموني سان مستقبل ۾ هڪ آزاد فلسطيني رياست جي امڪان جو مبهم ذڪر ڪيو ويو آهي۔ اسرائيل اڳ ئي هڪ جدا فلسطيني رياست جي تصور کي رد ڪري چڪو آهي۔ جيتوڻيڪ اسرائيل کي مغربي ڪناري کي الحاق ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، پر ڪجهه سخت گير اسرائيلي وزيرن اهڙي قدم جي ڌمڪي ڏني آهي۔ غزه منصوبي مطابق قيدين جي ڏي وٺ کان پوءِ جنگ فوري طور ختم ٿي ويندي۔ اسرائيلي فوجون رڳو يرغمالين جي آزاديءَ جي تيارين لاءِ طئي ٿيل حدن ڏانهن واپس وينديون۔ ان وقت دوران ’’سڀني فوجي ڪاررواين سميت هوائي ۽ زميني بمباري کي معطل ڪيو ويندو ۽ جنگ ان وقت تائين منجمد رهندي جيستائين مڪمل انخلا لاءِ شرطون پوريون نه ٿين‘‘۔ ان کان علاوه ’’سڀني يرغمالين جي واپسيءَ کان پوءِ، اهي حماس جا ميمبر جيڪي پرامن رهڻ جو عهد ڪن ۽ پنهنجا هٿيار رکي ڇڏين، تن کي عام معافي ڏني ويندي۔ جيڪي غزه ڇڏڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ ڀڄڻ جو محفوظ رستو فراهم ڪيو ويندو۔ هي تقريبن ان گروپ کان مڪمل هٿيار ڦٽائڻ جو مطالبو آهي، جيڪو صهيوني قبضي خلاف فلسطيني مزاحمت جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي‘‘۔ قبضي هيٺ علائقي ۾ جنگ کان پوءِ جي انتظامي جوڙجڪ ۾ حماس جو ڪو به ڪردار نه هوندو۔ ايتري تائين جو فلسطيني اٿارٽي، جيڪا مغربي ڪناري کي ڪنٽرول ڪري ٿي، ان کي به جنگ کان پوءِ جي سيٽ اپ ۾ ڪوبه ڪردار نه ڏنو ويو آهي۔ هن سان عملي طور تي آزاد فلسطيني رياست جو تصور ختم ٿي وڃي ٿو۔ فلسطيني گروهن کي جنگ کان پوءِ جي جوڙجڪ کان مڪمل طور الڳ ڪيو ويو آهي۔ تنهن هوندي به اسرائيل جي جارحيت کي ڏسندي، قابض فوجن جي ’’مرحلاوار انخلا‘‘ تي به مڪمل عملدرآمد غير يقيني آهي۔ حقيقت ۾ هن منصوبي اسرائيل کي وڌيڪ حوصلا ڏنا آهن، جتي انتهايي ساڄي ڌر جي حڪومت قائم آهي، جيڪا کلي عام ’’وڏي اسرائيل‘‘ جي قيام جي وڪالت ڪري ٿي، جتي آزاد فلسطيني رياست لاءِ ڪا به گنجائش ناهي۔

آمريڪي منصوبي مطابق، ’’غزه تي هڪ ٽيڪنوڪريٽڪ، غير سياسي فلسطيني ڪميٽي عارضي عبوري نظام تحت حڪومت ڪندي‘‘، جيڪا هڪ نئين بين الاقوامي عبوري اداري ’’بورڊ آف پيس‘‘ جي نگراني هيٺ ڪم ڪندي، جنهن جي سربراهي ٽرمپ، ٽوني بليئر ۽ ٻيا ڪندا۔ هي عملاً مقبوضه علائقي تي غير معينه مدت لاءِ آمريڪا کي ڪنٽرول ڏئي ڇڏيندو۔ ڪيترن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته اها تجويز ٽرمپ جي فيبروري ۾ ڏنل تجويز کان گهڻي مختلف ناهي، جنهن ۾ غزه کي آمريڪي ڪنٽرول هيٺ رکڻ ۽ ان کي سياحتي مرڪز بڻائڻ جو تصور ڏنو ويو هو۔

ٽرمپ انتظاميا عرب ۽ بين الاقوامي ڀائيوارن سان گڏجي غزه ۾ تعينات ٿيڻ لاءِ هڪ عارضي ’’انٽرنيشنل اسٽيبلائيزيشن فورس‘‘ (ISF) جوڙيندي۔ ان جو بنيادي ڪم امن ۽ امان کي قائم رکڻ هوندو، گڏوگڏ غزه ۾ نئين ٺهندڙ فلسطيني پوليس فورس کي تربيت ۽ مدد مهيا ڪرڻ به هوندو۔

ISF ۾ مختلف مسلم ملڪن جون فوجون شامل ٿينديون۔ ڪجهه رپورٽن موجب، وڏو حصو فوجي انڊونيشيا ۽ پاڪستان مان ايندا، جيڪي ٻه سڀ کان وڏا مسلم اڪثريتي ملڪ آهن۔ ٽرمپ طرفان پاڪستان جي وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي واکاڻ ڪرڻ جو سبب به اهو ٿي سگهي ٿو۔ واضح رهي ته منصوبي بابت پاڪستان کي اعتماد ۾ ورتو ويو هو۔ آءِ ايس ايف جي مڪمل ڪنٽرول سنڀالڻ تائين اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز غزه ۾ رهنديون، جڏهن ته ’’ان کان پوءِ به اسرائيل غزه جي چوڌاري حفاظتي زون برقرار رکندو جيستائين کيس يقين نه ٿئي ته دهشتگردي جي واپسي جو خطرو ختم ٿي ويو آهي‘‘۔ يقيني طور تي جنگبندي اسرائيلي فوجن جي هٿان ٿيندڙ قتل عام جو خاتمو ڪندي ۽ سخت ضروري انساني امداد جي اجازت ڏيندي۔ پر اهم سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪي منصوبي بنا فلسطيني عوام جي آزاد رياست جي حق کي باضابطه طور تسليم ڪرڻ جي، خطي ۾ ڊگهي مدي وارو امن قائم ٿي سگهي ٿو؟

حماس کي غيرمسلح ڪيو وڃي ٿو پر غزه ۾ انهن ماڻهن جو ڇا ٿيندو جن ٻن سالن کان جاري نسل ڪشيءَ ۾ پنهنجا پيارا وڃايا آهن؟ فلسطيني عوام جي پوري نسل، جنهن رڳو موت ۽ بک ڏٺي آهي، سندن غصي تي ضابطو ممڪن نه هوندو۔ هي تڪراري منصوبو وڌيڪ بيچيني ۽ بي يقيني پيدا ڪندو۔ فلسطيني عوام بجا طور تي هن آمريڪي منصوبي کي مذاق قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.