صوبائي حڪومت جي 16 آگسٽ 2025ع جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي پڙهڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته ريٽائرمينٽ وقت اوهان جي اصل پينشن (Commuted Portion ڪڍي) کي “Baseline” سڏيو ويندو. ساليانو اضافو رڳو انهيءَ “Baseline” تي ٿيندو، الائونسز تي نه. اڳيا اضافا اصل پينشن ۾ شامل نه ٿيندا جنهن سبب وقت سان گڏ حقيقي آمدني گهٽجي سگهي ٿي. آخري پگهار بدران ريٽائرمينٽ کان اڳين 24 مهينن جي اوسط پگهار تي پينشن جو حساب ٿيندو ۽ جيڪڏهن آخري ڏينهن ۾ ڪا ترقي يا واڌ ٿي آهي ته ان جو اثر اوسط ۾ گهٽجي ويندو.
ان کان علاوه، اڳي Commuted Portion پندرهن سال بعد بحال ٿيندو هو، پر هن نوٽيفڪيشن ۾ ان بابت ڪا وضاحت ناهي ڏني وئي. هي هڪ اهم مونجهارو آهي، جنهن بابت حڪومت کان وضاحت گهرڻ ضروري آهي. وڌيڪ، رڳو بيوه/رنڊوا مڙس، معذور ٻار ۽ ڪجهه حالتن ۾ والدين اهل هوندا. شادي شده عورت ملازم کي اختيار هوندو ته پنهنجي مڙس کي اهل فهرست ۾ شامل نه ڪري. جيڪڏهن اهليت ختم ٿي وڃي (جهڙوڪ بيوه جي ٻيهر شادي يا معذور ٻار جي صحتيابي)، ته پينشن بند ٿي سگهي ٿي. هڪ وقت ۾ ٻن فيملي پينشنن جي به اجازت نه هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته هر درخواست گذار کي لکت ۾ سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو ته هو ڪنهن ٻي حڪومت کان پينشن يا گريجويٽي نٿو وٺي. سنڌ حڪومت جي 31 جولاءِ 2025ع جي نوٽيفڪيشن موجب هاڻي سنڌ حڪومت ۾ ملازمت ڪندڙ ماڻهن کي اهي رواجي مراعتون نه ملنديون جيڪي اڳ سرڪاري ملازمن کي حاصل هيون. سنڌ ايمپلائيز الائنس جي چيئرمين حاجي محمد اشرف خاصخيلي موجب هن فيصلي سان لڳ ڀڳ 6 لک خاندان متاثر ٿيندا.ايس اي اي جي اڳواڻن چيو آهي ته نوٽيفڪيشن ۾ 63.5 سيڪڙو الائونس تي سڌي ريت ڪٽوتي جو ذڪر ته ناهي، پر “Baseline” وارو طريقو مستقبل ۾ پينشن ۾ ٿيندڙ اضافي کي گهٽ ڪري سگهي ٿو، ۽ 24 مهينن جي اوسط حساب مطابق آخري رقم گهٽجي سگهي ٿي. ڪميٽيشن (Commutation) جي بحالي بابت ابهم آهي، جنهن ڪري امڪان آهي ته مستقبل ۾ ڪميٽيشن جو فارمولو وڌيڪ گهٽجي وڃي.
سنڌ حڪومت مستقبل ۾ پينشن ۾ اضافي کي محدود ڪرڻ جو اختيار حاصل ڪري ڇڏيو آهي. هن نوٽيفڪيشن ۾ ٻيهر پينشن نه ملڻ واري شرط سبب به سرڪاري ملازم متاثر ٿيندا. حڪومت وضاحت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن مڙس ۽ زال ٻئي سنڌ حڪومت جا ملازم هجن ته ريٽائرمينٽ بعد صرف هڪ ئي مڪمل پينشن جو حقدار هوندو. هي فيصلو آئين ۾ درج انساني حقن جي شقن جي صريح خلاف ورزي آهي. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جيڪڏهن مڙس ۽ زال هڪ اداري ۾ ڪم ڪن ٿا ته ٻنهي کي پگهار ۽ سڀ مراعتون ملن ٿيون ۽ ريٽائرمينٽ بعد ٻنهي کي پينشن جو حق هوندو. عجيب ڳالهه ٿيندي ته مڙس ۽ زال 30-30 سال ڏينهن رات محنت ڪندا، پر پوڙهائپ ۾ جڏهن بيماريون کين وڪوڙي ڇڏينديون، ته کين گهٽ رقم تي گذارو ڪرڻو پوندو. سنڌ ايمپلائيز الائنس جي چيئرمين محمد اشرف خاصخيلي موجب حڪومت ڪميٽيشن/گريجويٽي لاءِ مقرر ڪيل رقم 63.5 سيڪڙو مان گهٽائي 15 سيڪڙو ڪئي آهي، جنهن سان ملازمن جي پينشن ۾ 47 سيڪڙو خسارو پوندو. نون ڀرتي ٿيندڙ ملازمن کي پينشن بلڪل نه ملندي. وفاقي حڪومت Disparity Reduction Allowance جي شرح 70 سيڪڙو ڪئي آهي، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ الائونس 60 سيڪڙو آهي ۽ آزاد ڪشمير ۾ به اهو 60 سيڪڙو آهي، پر سنڌ حڪومت ان بابت خاموش آهي.
پيپلز پارٽي هڪ سماجي فلاحي رياست جو خواب ڏيکاريو هو. ان ئي منشور تحت اها ساڄي ڌر جي مذهبي ۽ ٻين جماعتن کان الڳ حيثيت رکي ٿي. ذوالفقار علي ڀٽو “روٽي، ڪپڙا ۽ مکان” جو نعرو ڏنو هو. پيپلز پارٽي جي اساسي دستاويزن ۾ ملڪ جي هر شعبي ۾ جامع سڌارا آڻڻ جو واعدو ڪيو ويو هو. پهرين حڪومت هر شعبي ۾ سڌارا ٓآٓندا. رياست پهريون ڀيرو هر شهري جي تعليم ۽ علاج جو حق تسليم ڪيو. زرعي سڌارا ڪيا ويا ۽ مزدورن جي ڀلائي لاءِ نئين ليبر پاليسي آندي وئي. سرڪاري ملازمن لاءِ گريڊ 1 کان ترقي ڪندي گريڊ 22 تائين پهچڻ جو واضح رستو رکيو ويو. ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي استادن کي گهٽ ۾ گهٽ گريڊ 17 ڏنو ويو. اسڪولن جي استادن لاءِ به ترقي جو هڪ واضح طريقو مقرر ڪيو ويو. انهن سڌارن ملڪ جي ترقي تي مثبت اثر وڌو.
جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ نجيڪاري پاليسي اختيار ڪئي وئي. قومي صنعتون نجي شعبي کي وڪرو ڪيون ويون. آءِ ايم ايف جا ماهر چوڻ لڳا ته پينشن رياست لاءِ بار آهي، تنهن ڪري حڪومت کي سرڪاري ملازمن جي پينشن ختم ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي ۽ پوءِ مسلم ليگ جي حڪومتن آءِ ايم ايف جي ان پاليسي کي قبول نه ڪيو، پر پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ جي نالي تي تعليمي ادارن ۽ اسپتالن کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو عمل شروع ٿيو. پي آءِ اي ۽ ريلوي جهڙن ادارن جي نجڪاري تي زور ڏنو ويو. هر بجيٽ ۾ پينشن گهٽائڻ جي تجويز غور هيٺ ايندي رهي. وزارتِ خزانه جا آفيسر چوندا رهيا ته پينشن تي رکيل رقم بجيٽ خسارو وڌائي ٿي، جيڪا ڳالهه حقيقت سان ٺهڪي نٿي اچي. سرڪاري ملازمن جي دٻاءُ سبب ان تجويز تي مڪمل عمل نه ٿي سگهيو.
الميو اهو آهي ته استحصال جي خاتمي جي نالي تي مقبوليت حاصل ڪندڙ پيپلز پارٽي هاڻي پينشنرز جي وات مان گرھھ کسي رهي آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت هن نوٽيفڪيشن تي عمل ڪندي ته سرڪاري نوڪريءَ ۾ ڪشش ختم ٿي ويندي ۽ نئين نسل جو ٽيلنٽ نجي شعبي ڏانهن يا ٻاهرين ملڪن ڏانهن رخ ڪندو، يا وري ملازم ناجائز ذريعن مان آمدني حاصل ڪرڻ تي مجبور ٿيندا. هي رڳو سنڌ حڪومت جي 6 لک خاندانن جي مستقبل جو سوال ناهي، پر پوري حڪومتي ڍانچي جي مضبوطيءَ جو سوال آهي. سنڌ حڪومت جي ملازمن ۾ يونيورسٽي جي استادن کان وٺي ڪلارڪن تائين سڀ شامل آهن، جيڪي هن پاليسي جي خلاف آهن. حڪومت سنڌ غريبن جون مراعتون گهٽائي پنهنجي مقبوليت ۾ پاڻ گهٽتائي آڻي رهي آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته پينشن هڪ حق آهي، ڪا رعايت نه.
هي رڳو سنڌ حڪومت جي 6 لک خاندانن جي مستقبل جو سوال ناهي، پر پوري حڪومتي ڍانچي جي مضبوطيءَ جو سوال آهي. سنڌ حڪومت جي ملازمن ۾ يونيورسٽي جي استادن کان وٺي ڪلارڪن تائين سڀ شامل آهن، جيڪي هن پاليسي جي خلاف آهن. حڪومت سنڌ غريبن جون مراعتون گهٽائي پنهنجي مقبوليت ۾ پاڻ گهٽتائي آڻي رهي آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته پينشن هڪ حق آهي، ڪا رعايت نه.