هاڻي ائين ٿيو ته آمريڪا پهرين کان ئي ڪافي ملڪن ۽ خاص ڪري يورپ ۽ سعودي عرب سان اهي معاهدا ڪيا ته اوهان ماڻھو واپار ۽ خاص ڪري تيل جو وڪرو ڊالر ۾َ ڪندو.هن وقت سعودي عرب پهرين تيل کي آمريڪي ڊالر ۾ آمريڪا کي وڪرو ڪري ٿو.جنهن کانپوءِ آمريڪا باقي دنيا کي وڪرو ڪري ٿو.ان جي بدلي ۾ آمريڪا ۽ سعودي حڪومت جي وچ ۾ ھڪ معاهدو ٿيو آھي ته تيل آمريڪي ڊالر ۾ وڪرو ڪري پر بدلي ۾ آمريڪي ڊالر جو سعودي حڪومت جي وچ ۾ وڌيڪ فرق نه اچڻ کپي.۽ ان ريت عالمي مارڪيٽ جي اندر آمريڪي سامراج جي بالادستي.ظلم ۽ ڪوڙ سان قائم آھي.۽ واپار تيل جي آمريڪي ڊالر ۾ وڪرو جي سبب کان ڊالر جي گهرج عالمي مارڪيٽ ۾ وڌي وڃي ٿي.۽ ڊالر چڙھڻڻ لڳي ٿو يعني ڊالر جي گهرج Demand ۾ واڌارو ٿيئي ٿو.ڇو ته هر ملڪ ڊالر کي ذخيرو ڪرڻ چاهيندو يا پنهنجي Export وڌائيندو.ڇاڪاڻ ته جنهن ملڪ وٽ ڊالر وڌيڪ هوندو اوتري ان ملڪ جي ڪرنسي وڌيڪ هوندي.يا Export وڌڻ سان وڌيڪ ڊالر ملڪ جي اندر فلو ڪندو.ڇوته عالمي مارڪيٽ ۾ ڊالر گهڻو هلي ٿو. هاڻي اچون ٿا قرض جي ڪهاڻي ڏانهن.
جڏھن ڪو ملڪ بجيٽ پيش ڪري ٿو ته جيڪڏھن بجيٽ ڏيوالي ۾ ھجي ته اهو ڏيوالو پورو ڪرڻ جي لاءِ حڪومت قرض وٺي ٿي.ليڪن هتي گڏ ئي سوال اهو به ٿيئي ٿو ته بجيٽ ڏيوالي ۾ ڇو اچي ٿي.هڪ ملڪ جي بجيٽ ٻن شين تي مشتمل Government earning هوندي آھي يعني اهي پيسا جيڪي وقت جي حڪومت وٽ اچن ٿا.جيئن ٽيڪس جي صورت ۾ يا ٻين وسيلن يا هڪ وڏي وسيلي جنهن کي اسان Foriegn remittance سڏيون ٿا.جنهن ۾ ٻاھرين ملڪ ۾ موجود پنهنجي ملڪ کي پيسا ڊالر جي شڪل ۾ منتقل ڪن ٿا .ان کي Foriegn remittance سڏين ٿا.اهي پيسا حڪومت جي خزاني ۾ نٿا وڃن بلڪ اهي ماڻھو پنهنجي فيملي وغيره جي لاءِ موڪلين ٿا.ليڪن وڏو فائدو حڪومت کي پهچي ٿو.ڇوته حڪومت وٽ ڊالر جو ذخيرو وڌي وڃي ٿو ۽ ٻيو اهم حصوGovernment expenditure حڪومت جا خرچ .جيڪڏھن حڪومت جا خرچ وڌيڪ هجن ڪمائي کان ته بجيٽ ڏيوالي ۾ رهي ٿي.جيئن پاڪستان جيڪو سرمائيدارن.ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪرپشن جي سبب کان سدائين ڏيوالي ۾ رهي ٿي.ان سان گڏ Trade deficit جنهن کي اسان واپاري ڏيوالو به سڏيون ٿا.جڏھن Export ۽ Import کان انهن سمورن ڏيوالن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ حڪومت قرض وٺي ٿي.۽ اھو قرض پاڪستان ۾ موجود ڪرپٽ نظام ۾ سرمائيدار جاگيردار پنهنجا کيسا ڀرڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي انهيء عوام تي قرضن جي شڪل ۾غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو.حڪومت اهي قرض سينٽرل بينڪ (پاڪستان ۾ اسٽيٽ) مقامي ۽ آءِ ايم ايف کان مختلف ۽ سخت شرطن تي وٺي وڃي ٿي. اهي سخت شرط ڇو هنيا وڃن ٿا؟ڇا ان جو مقصد پاڪستان جي ترقي سان سلهاڙيل آھي؟يا ڪو ٻيو ڪجهه ؟نه پاڪستان جي ترقي ڇاجي بلڪ 22 خاندانن جي جي ذاتي ترقي جي لاءِ قرض ورتا وڃن ٿا.جنهن جي ادائيگي وري عوام جي رت ۽ پگهر کان ادا ڪئي وڃي ٿي.
انهن قرضن کي وياج سميت واپس ڪرڻو پوي ٿو.بينڪ يا آءِ ايم ايف قرض ڏيئي ٿي؟بينڪ صرف ڪجهه Digits enter ڪري نوان پيسا Generate ڪري ٿي.چاهي اهي مقامي بينڪون هجن .سينٽرل بينڪ هجي يا IMF اهو صرف حڪومت جي کاتي ۾ Creadit لکي ڇڏي ٿو ته هاڻي اسان حڪومت کي ايترا پئسا ڏنا.جڏھن ته حقيقت ۾ ڪجهه Digits منتقل ٿي وڃن ٿا.پوءِ حڪومت انهن Digits جي بدلي ۾ صرف وڌيڪ پيسا پرنٽ ڪري ٿي.بلڪ ساڳئي Digits هڪ ملڪ پنهنجي ملڪي يا انٽرنيشنل سطح تي منتقل يا واپار ڪري سگهي ٿو.ان ريت وڌيڪ پيسن جي پرنٽ جي سبب کان ملڪ جي اندر شين جي وهڪري ۾ واڌارو ٿي وڃي ٿو.جنهن جي سبب کان شيون هيٺ مٿي هليون وڃن ٿيون.
ڪيپيٽلزم (اسان جي پاڪستان ۾ به) جي اندر هڪ عجيب غريب نظام آھي.جتي ٻه حڪومتون معشيت کي ڪنٽرول ڪن ٿيون.هڪ پاسي حڪومت جيڪا Fiscal policy پنهنجي کي ڪنٽرول ۾َ رکي ٿي ته ٻي پاسي سرمائيدار بينڪن جي صورت ۾ ويٺا آھن.هڪ ٻيو نظام ڪنٽرول ڪري ٿو.جنهن کي Monetary policy سڏيو وڃي ٿو.ٻنهي جڳهن تي سرمائيدار پنهنجا کيسا ڀرڻ ۽ عوام کي ذليل ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نٿا ڇڏين.آسان لفظن ۾َ اسان جي ملڪ ۾ موجود سرمائيداري نظام سواء عوام.کي ڪوڙيون اميدون ڏيڻ ۽ مهانگائي وغيره جي صورت ۾ ڦرلٽ ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
جيڪڏھن اسان جو پيارو پاڪستان پاڻ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ چاهي ٿو ته سڀ کان پهرين Agricuture sector تي ڌيان ڏيئي.۽ پنهنجي Export کي وڌائي.
موجوده وقت ۾ چين .روس ۽ ايران.آمريڪا ۽ سندس ڊالر جي لاءِ نڪ جي نوڙي بڻيل آھن.ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ پنهنجي ڪرنسي تي شين جي مٽاسٽا تي يقين رکن ٿا ۽ ان ڪري پاڪستان کي بجاءِ آمريڪا جي هنج ۾ ويهڻ نه گهرجي بلڪ چين.روس ۽ ايران سان دوستي وارا تعلقات مضبوط ڪري ته جيئن موجوده نهايت بدترين صورتحال کان ٻاهر نڪري سگهي.پر غلام ڪڏھن به پنهنجي غلامي واري عادت کي مٽائي نٿو سگهي .
موجوده وقت ۾ چين .روس ۽ ايران.آمريڪا ۽ سندس ڊالر جي لاءِ نڪ جي نوڙي بڻيل آھن.ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ پنهنجي ڪرنسي تي شين جي مٽاسٽا تي يقين رکن ٿا ۽ ان ڪري پاڪستان کي بجاءِ آمريڪا جي هنج ۾ ويهڻ نه گهرجي بلڪ چين.روس ۽ ايران سان دوستي وارا تعلقات مضبوط ڪري ته جيئن موجوده نهايت بدترين صورتحال کان ٻاهر نڪري سگهي.پر غلام ڪڏھن به پنهنجي غلامي واري عادت کي مٽائي نٿو سگهي .