ڇا قيدي نمبر 804 وارو حوصلو نواز شريف وٽ آهي؟

تحرير: سڪندر چنو

نواز شريف کي ايترو داد ضرور ڏيڻو پوندو ته هو حالتن کي چڱيءَ طرح ڄاڻيندو آهي. هو ڏسندو آهي ته پاڪستان ۾ سياست جو موڊ ڇا آهي؟ عوام جي نفسياتي سوچ جو محور وڌيڪ ڪنهن طرف آهي؟ تنگ عوام، ڇڙوڇڙ ٿيل عوام ڪنهن طرف آهي؟ نواز شريف اهيو به ڄاڻي ٿو ته هن وقت ملڪ جو سياسي ميدان قيدي نمبر 804 پي پي پي ۽ ن ليگ کي ماري ويو آهي. نواز شريف اهيو به بهتر نموني ڄاڻي ٿو ته جنهن فتح ڪيل قلعي جون چاٻيون سندن وٽ هيون ان قلعي جون چابيون ڪنهن ٻئي وٽ يعني عمران خان وٽ آهن. جيڪڏهن اسان کي اهي چاٻيون ٻيهر واپس ڪرڻيون آهن ته پوءِ اسان کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي. ۽ هڪ اهڙي شيءِ حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪا ٽوڪري ۾ وجهي عوام وٽ وڪڻڻ گهرجي ۽ عوام ٻين جي بنسبت اسان جو وڌيڪ خريدار بڻجي سامهون اچي. ٻين سوداگرن جي ڀيٽ ۾. هن وقت ن ليگ ٻن گروپن ۾ ورهايل آهي. هڪ آهي خوشامندي گروپ جيڪو ن ليگ قيادت جي ويجهو آهي ۽ ان خوشامندي گروپ جو سربراهه شهباز شريف آهي ۽ ٻيو گروپ آهي صرف ڏيکاءُ وارو جيڪو جعلي شيون ٽوڪري ۾ وجهي وڪڻي رهيو آهي ان جي سربراهه مريم نواز ۽ سندس والد نواز شريف آهي. نواز شريف جو خيال آهي ته آڱر کي مضبوطيءَ سان پڪڙي رکڻو آهي ان کي ناهي ڇڏڻو. نواز شريف شهباز شريف وارو وزيراعظم ٿيڻ نٿو چاهي.
قيدي نمبر 804 وارو حوصلو ڪنهن وٽ به ناهي حالانڪه نواز شريف کي به اقتدار مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ قيدي نمبر 804 واري قيدي کي به زوري ٻاهر ڪڍيو ويو. هن وقت عمران خان جي حوصلي سڄو ڪم خراب ڪيو آهي. جنهن جي ڪري پي پي ۽ ن ليگ عوام وٽ وڃڻ کان ڊڄي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته عوام به ڄاڻي ٿو ته عمران خان ئي آهي جيڪو عوام ۽ ملڪ سان وفادار ۽ سچو آهي. عوام ٻين حڪمرانن کي به آزمائي چڪو آهي. سنڌ ۾ پي پي جي حڪمراني سنڌ سان جيڪي حالت زار ڪئي آهي اها به ڪنهن کان لڪيل ناهي. هن ڀيري سنڌ جي ووٽر جو موڊ ڏاڍو خراب آهي. ڪاڏي ويا برسات جا پئسا؟ ڪاڏي ويا بلاول ڀٽو زرداري جا اعلان ڪيل غريبن لاءِ گهر؟ ڪاڏي ويون غريبن لاءِ نوڪريون؟ ڪل ڊراما جيڪي سنڌ جي عوام آڏو واکيا ٿي ويا آهن.
بحرالحال نواز شريف اڳين حلوي جي ديڳڙي وارو اقتدار نه ٿو چاهي. پر نواز شريف 1997 وارو اقتدار چاهي ٿو. حلوي وارو ديڳڙو اقتدار شهباز شريف ۽ ٻين پارٽين وارو هيو. حالانڪه اهو حلوي وارو ديڳڙو آصف زرداري تيار ڪرايو هيو جنهن ۾ مولانا فضل الرحمٰن ان حلوي کي ورهائيندي ڏٺو ويو نواز شريف چاهي ٿو ته عوام سندس پويان هجي پر سوال اهو آهي ته ان لاءِ قيدي نمبر 804 وارو حوصلو اچي ڪٿان؟ اهو حوصلو ڪٿان پيدا ٿيندو؟ هن وقت سڀ قيدي نمبر 804 کان وڏو خوف زده آهن. نواز شريف چاهي ٿو ته جيڪڏهن فل فليج سندس کي اقتدار نه ڏنو ويو ته پوءِ مون کي اهڙو اقتدار نه گهرجي. نواز شريف 16 مهينن جي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ مان ڪڏهن به مطمئن نه هيو نه آهي. ۽ اڄ به پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف تي ناراض آهي. ڇاڪاڻ ته 2017 ۾ ۽ 19-2018 ملڪ خوشحال هيو. پي ڊي ايم جي حڪومت عوام کي کان جيئڻ جو به حق کسي ورتو آهي. 2017 کان 2021 تائين ملڪ خوشحال ملڪن جي لسٽ ۾ 24 نمبر تي شامل هيو. اڄ پاڪستان ڪنگال ملڪن جي لسٽ ۾ 47 نمبر تي آهي. پاڪستان 24 نمبر تي وڏي معيشت طور اڀري رهيو هيو. جنرل باجواه ۽ پي ڊي ايم ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. شهباز شريف به پنهنجي 16 مهينن جي ڪارڪردگي مان مطئن ناهي. چور دروازي مان جيڪو به ايندو آهي ان جي حالت اها ئي هوندي آهي. بحرالحال اليڪشن صاف شفاف ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.