ٺٽي ضلعي جي جاگرافيائي حدن سان هٿ چراند نامنظور

تڪبندين جي اوٽ ۾ سنڌ جي تاريخي ضلعي ٺٽي جي جاگرافيائي نقشي ۾ هٿچراند جو انڪشاف ٿيو آهي. ان انڪشاف موجب ساحلي ۽ ڪوهستاني پٽي جي حصي کي ٽوڙي ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. رپورٽن موجب ٺٽي ضلعي جي نئين آدمشماري تحت آبادي گهٽ ڄاڻائي ٽن صوبائي تڪن ٺٽو، گهوڙا ٻاري ۽ ميرپور ساڪرو مان هڪ صوبائي تڪ ختم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. ايئن ميرپور ساڪرو جي گهارو، ڌاٻيجي، ڀنڀور، گُجو ۽ هاليجي کان ويندي جنگشاهي تائين وارو علائقو نئين صوبائي تڪ ۾ شامل ڪري ملير سان ملائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.

ان معاملي تي گهري نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته ٺٽي ضلعي جي ٽن صوبائي تڪن مان هڪ صوبائي تڪ کي ختم ڪري اصل ۾ ڀنڀور کان ٻُهارا، ميرپور ساڪرو تائين ساحلي پٽي ۽ ڌاٻيجي کان جنگشاهي تائين ڪوهستاني پٽي جي جاگرافيائي حدن ۾ ڇيڙ ڇاڙ ڪري نئون تڪ بڻائڻ جو مقصد اڪنامڪ زون جي نالي تي سيٽلائيٽ نيو ٽائون شهر ٺاهيو پيو وڃي جنهن سان تاريخي ضلعي ٺٽي جي سوين مقامي ڳوٺن کي پڻ مسمار ڪيو ويندو.

ان مٿي ڄاڻايل پس منظر جي روشني ۾ رپورٽن موجب اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو پاران ضلعي ٺٽي جي تڪبندي دوران ڪجهه علائقا ٽوڙي امڪاني طور ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري دوران ضلعي جي سامونڊي ۽ ڪوهستاني پٽي سميت ٻين علائقن ۾ برسات سبب هزارين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري هليا ويا هيا تنهن ڪري وڏي آبادي کي ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيو ويو هو ۽ اهڙي آگاهي آدمشماري ڪميٽي سميت وفاق جي اعليٰ ايوانن کي به ڏني هئي تنهن ڪري ضلعي جي تڪن کي ٽوڙڻ يا ردوبدل نه ڪيو وڃي.

اسان پ پ اڳواڻ، اڳوڻي سينيٽر ۽ ٺٽي ضلعي جي نمائندا، سسئي پليجو جي ادا ڪيل ان وقتائتي ڪردار تي سرهائي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا ته ان حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي ضلعي جي جاگرافيائي سرحدن جي تحفظ لاءِ وقتائتو ۽ سگهارو آواز اٿاريو آهي ۽ هن اليڪشن ڪميشن کي ان ڏس ۾ خط لکي عملي ڪردار ادا ڪيو آهي. ايئن سنڌ جي سمورين قومپرست جماعتن توڙي ساڃاهه وندن کي ڀرپور مذاحمتي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جنهن جي پڻ شروعات ٿي چُڪي آهي. ان حوالي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ۽ ٻين اڳواڻن پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته بوگس ڊجيٽل آدمشماري جي ظاهر ڪيل هٿن ٺوڪين انگن اکرن تحت ٿيندڙ تڪ بندين وسيلي سنڌ کان ڪراچي کي الڳ ڪري هڪ پراڻي سازش تحت سنڌ جي دل ۽ تخت گاهه ڪراچي کي دهشتگرد مافيا جي چنبي ۾ ڏيڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. هوڏانهن سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ثمر جتوئي پڻ تاريخي ضلعي جي حدن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ نه ڏني ويندي جو چتاءُ ڏنو آهي. هن ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جلد ٺٽي ۾ تاريخي احتجاج ڪنداسين.

مطلب ته ٺٽي ضلعي جون حدون ڪراچي ۾ شامل ڪرڻ جي سازش خلاف سنڌ واسين جو سخت ردعمل شروع ٿي ويو آهي. اسان کي اهو ڏسي حيرت ٿي رهي آهي ته آخر اسٽيبلشمينٽ اهو سڀ ڪجهه ڪري ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي. اسان جو خيال آهي ته هن ملڪ جي مفاد ۾ اهو آهي ته ان کي آئين، قانون ۽ جمهوري اصولن تحت هلايو وڃي ۽ هر صوبي متعلق ڪيل فيصلن، پاليسين يا ارادن بابت سنڌ جي عوام کان اين او سي ورتي وڃي. سنڌ جي عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڪجهه به ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. حڪومتون ۽ ادارن جا سربراهه اچڻا وڃڻا آهن. انهن کي هڪڙين سامراجي، اقتداري ۽ سياسي مفادن تحت سنڌ جي تاريخ، ۽ ان جي جاگرافيائي وجود سان ڪنهن ريت به کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. سنڌ جي مقدر جا فيصلا سنڌ واسين جو حق آهي جن کي سنڌ ۾ جيئڻو آهي ۽ سنڌ ۾ مرڻو آهي. سنڌ واسين کي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي تي ڪو اعتراض ناهي پر سنڌ جو تاريخي وجود ان لاءِ قربان نٿو ڪري سگهجي. ترقي ۽ خوشحالي جي اوٽ ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ جاگرافيائي وجود سان هٿ چراند جي اجازت نه ڏني ويندي. سنڌي عوام جو سنڌ سان جذباتي لڳاءُ رهيو آهي. سنڌي عوام ڪڏهن به سنڌ کي ڇڏي ملڪ جي ڪنهن ٻئي صوبي تي قابض ٿيڻ جي نيت ناهي رکي ته پوءِ سنڌ کي ڇو ٿو ميري اک سان ڏٺو وڃي. ڌارين کي اهو ڪهڙو حق آهي ته اهي سنڌ جي ضلعن جي جاگرافي سان هٿ چراند ڪن.

سو انصاف جي تقاضا اها آهي ته سنڌ بابت فيصلن ۽ پاليسين جو معاملو سنڌي عوام ۽ ان جي نمائندن تي ڇڏيو وڃي. اهو سياسي ۽ تاريخي حق سنڌين ۽ ان جي عوامي نمائندن جو آهي. پ پ کي به گهرجي ته اها اقتدار لاءِ سنڌ جي مفادن تي سوديبازي نه ڪري. پ پ کي به هميشه سنڌي عوام جي نبض تي هٿ رکي فيصلا ڪرڻ گهرجن. ان کي به پاڻمرادو فيصلن جو اختيار ناهي.

حُڪمران اخلاقي توڙي آئيني ۽ جمهوري طور اصل ۾ عوام جا خادم هوندا آهن ۽ انهن کي عوام چونڊي ايوانن ۾ ان ڪري ناهي موڪليندو ته اهي حڪمران بڻجي مٿن بادشاهي ڪن ۽ بادشاهن وانگر هڪ طرفا فيصلا ڪن. حڪمرانن کي عوام جو خادم بڻجي سندن فيصلن ۽ پاليسين تي عمل ڪرڻو پوندو آهي.

اها سٺي ڳالهه آهي ته پ پ اڳواڻ سسئي پليجو سنڌي عوام جي تاريخي وجود تي ٿيندڙ اندروني سازش کي نه رڳو بي نقاب ڪيو آهي پر ان سازش کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي طور قدم کنيو آهي جيڪو ئي عوام جي نمائندن کي سونهين ٿو. سو اميد آهي ته سسئي پليجو پ پ ۽ سنڌ جي قومپرست جماعتن ۽ سول سوسائٽي جي سخت ردعمل کانپوءِ ٺٽي ضلعي جي جاگرافي سان اها هٿچراند فوري طور بند ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.