ڪاڇي جي روڊن کي عوام لاءِ عذاب نه پر سفر لائق بڻايو

تحرير: محمد اسماعيل لانگاھ 

دنيا جي ترقي يافته ملڪن جا شهر هجن يا ٻھراڙيون پر اتي معياري روڊ رستن وسيلي عوام جون سڀ تڪليفون ختم ڪيون وڃن ٿيون، پائيدار روڊن جي وڇايل ڄار سان ملڪ جو هر ماڻھو سڀني سهولتن سان ڄڻ  آراسته ٿي وڃي ٿو  ترقي يافته ملڪ عوام جي ٽيڪس ادائگين وارو پئسو عوام کي سهولتون ڏيڻَ تي ئي خرچ ڪن ٿا پر اسانجو ملڪ جيئن جئين قرضن ۾ وڪوڙجي رهيو آهي تيئن تئين ملڪ ڪرپشن جي مرض ۾  وڪوڙجي ويو آهي غريب عوام جي ٽيڪس جو پئسو ڪرپشن ڪري ملڪ کي تباهي ڪنڌي پهچائڻ وارن حڪمرانن عوام جي بنيادي سهولتن جو ڄڻ ڪوبه پروگرام يا پلاننگ ناهي جيڪو اچي ٿو ملڪ جي دولت لُٽي ڪرپشن ڪري وارو وڄائي هليو وڃي پاڪستان هنن لاءِ روزگار ۽ ڪاروبار ٺاهڻ لاءِ هڪ موزون ملڪ سمجهيو وڃي ٿو دنيا جتي ترقي جون سڀ راهون ڪراس ڪري پئي انجو سڄو.راز عوام جو پئسو عوام جي ترقي تي خرچ نظر اچي انهن ۾ معياري ۽ پائدار روڊ رستا انتهائي اهم. سمجهيا وڃن .

آزادي کانپوءِ اسانجي ملڪ تي جنرل جون حڪومتون به گذريون ته جمهوري حڪومتون به واري واري سان تبديل ٿينديون آيون پر ڪاڇي جي ترقي تي ڪڏھن  به انهن جي نظر نه پئي ڪاڇو پاڪستان ۽ سنڌ جي انتهائي پُٺتي پيل علائقن ۾  شمار ٿئي ٿو هتي هزارين ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ شهر اچي وڃن ٿا پر روڊ رستا پڪا نه هئڻَ ڪري جبلن ميداني علائقن ۽ برپٽن جا اڙانگا سفر جهاڳي ڪاڇي جا ماڻھو. اڄ به رستا نه هئڻ  سبب اُٺن گهوڙن گڏھن تي سفر به ڪن ٿا ته روزگار به روڊ رستن جي کوٽ سبب ڪاڇو سمورين سهولتن کان محروم آهي جمهوريت جي سفر جا مزا ماڻيندڙ سياسي پارٽين ۾َ ن ليگ ۽ پ پ برسراقتدار رهيون پر مشڪلاتن مان گذرندڙ ڪاڇي جي ڳوٺن کي روڊ جي سهولتن کان به محروم رکيو ويو اربين رپيا روڊ اسڪيمن جا سياسي حڪومتن هضم ڪري ڇڏيا ڪاڇو اهڙو علائقو آهي جتي روڊ جي سهولت ڪرنگهي جيان اهميت رکي ٿي شهرن تائين تڪڙي رسائيَ،  ايمرجنسي حالتن ۾  بيمار مريضن کي اسپتالن تائين  ترت پهچائڻَ ۾ روڊن جي سهولت انتهائي ضروري هجي ٿي جيڪا گذريل پنجهتر سالن کان ڪاڇي واسين کي ميسر نٿي سگهي آهي ڪاڇي جا ماڻھن جيتري قدر پ پ سان بيپناهه مُحبت ڪئي انڌي اعتماد تحت پ پ کي ووٽ ڏيندا رهيا ان عوام جي فيصلي جو پ پ ڪوبه قدر نه ڪيو ۽ نه وري هُن وٽ عوام جي سهولتن جي ڪا پلاننگ آهي نه وري ڪو پروگرام گذريل پندرنهن سالن کان سنڌ ۾ پ پ سرڪار ڪاڇي جي تباهه حال روڊن جي نالي اربين رپيا ڪرپشن ۾ چٽ ڪيا پر ڪوبه روڊ سفر لائق نه بڻجي سگهيو آهي ۽ انهن ۾َ دادو ضلعي ۽ جوهي تعلقي جي تاريخي شهر ڊرگھه بالا سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن سميت ننڍن ننڍن ڳوٺن جون  روڊ اسڪيمون به شامل آهن هنن ڄاڻايل شهرن سان  روڊس کاتي ۽ پ پ سرڪار  گڏجي جيڪو ويڌن ڪيو آهي مان سمجهان ٿو شايد ڪنهن ٻئي شهر سان نه ٿيو هجي گذريل پندرنهن سال  پ پ سنڌ ۾ حڪمران جماعت رهندي به ڪاڇي جي شهرن جي تباهه حال روڊن کي پڪو نه ڪرائي سگهي جنهن سبب هزارين ماڻھن جو  تباه حال رستن تي سفر ڪرڻَ هن وقت ڄڻ پلسراط تي گذرڻَ برابر ٿي ويو آهي گذريل پنجن سالن  کان برساتن  ۽ ٻوڏن ۾َ ڪاڇي جي رستن جي مرمت جا ڪروڙين رپيا تڪ جي سياسي اڳواڻن روڊس کاتي جي ڪامورن ڪرپشن ۾ کائي ڇڏيا ليڪن روڊ کي سفر لائق نه بڻايو ويو موجوده نگران سرڪار طرفان هن وقت وفاقي توڙي صوبائي سطح تائين مختلف کاتن ۾ ڪرپشن خلاف ٿيل وٺ پڪڙ کانپوءِ دادو روڊس کاتي خلاف وڏي انڪوائري جي خدشي کانپوءِ جوهي ايف پي بند کان حاجي خان شهر تائين  روڊ جي ٺيڪيدار پاران ڏهه ڪلوميٽر مفاصلي تائين ڊرگھه بالا روڊ جي ٻنهي پاسن کان ايڪسيويٽرن وسيلي مٽي رکرائي پنهنجو ريڪارڊ صاف ڏيکارڻ لاءِ پئسو به خرچ ڏيکاريو آهي ته روڊ به ٺھرايل ڏيکاريو پر روڊ جي پاسن ۾ پيل مٽي سان علائقي جي  ھزارين مسافرن  کي جهڙي نموني عذابن ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي روڊس کاتي توڙي پ پ سرڪار جو ڪاڇي جي عوام سان ٿيل هي ظلم ڪو نئون نه پر تمام پراڻو آهي ڪاڇي جا ترقياتي منصوبا خاص طور روڊن جون اسڪيمون ڪاڇي واسين لاءِ سهولتون نه پر عذاب بڻايون ويون  آهن ۽ سرڪاري ڪامورن لاءِ ملڪيتون ٺاهڻ لاءِ روڊ اسڪيمون اهم ڌنڌو ٿي ويون آهن افسوس جوڳي ڳالهھ آهي هڪ طرف پ پ عوام سان مُحبت جون دعوائون به ڪري ٿي ته ٻي طرف ڪاڇي واسين جي تذليل جا به ريڪارڊ قائم ڪيا اٿس روڊ رستا ڪاڇي جي علائقن لاءِ ڪيتري قدر اهم ۽ ضروري آهن انجو اعليٰ اختياريون بخوبي واقف آهن موجوده نگران سرڪار اعليٰ اختياريون ڪاڇي ۾  روڊس کاتي ۽ ٺيڪيدار خلاف عوام سان ڪيل هن ظلم جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ڪاروبار بڻيل انهن اسڪيمن جي جاچ ڪرائي ته اهي مڪمل ڇو نه ڪيون ويون هن وقت  نيب جي ڪاروائين جي خوف کان تڙتڪڙ ۾ پنهنجو ريڪارڊ صاف ڏيکارڻ ۽ ڪرپشن ۾َ هضم ڪيل پئسو خرچ ڏيکارڻَ لاءِ ٺيڪيدارن روڊن کي سفر لائق بڻائڻ  بجاء عوام لاءِ ويتر عذاب بڻائي ڇڏيا آهن رستي تي وڇايل مٽي ڌوڙ دز سڄو  ڏينهن ٽرئفڪ جي اچ وڃ سبب طوفان جيان اُڏامندي رهي ٿي جنهن سبب حادثن جو خطرو به وڌي ويو آهي سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب چيئرمين، نگران وزير اعليٰ سميت تمام وس وارن اختيارين کي ڪاڇي جي شهر ڊرگھه بالا روڊ ۾ روڊس کاتي دادو ۽ ذميوار ٺيڪيدارن طرفان ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪري ذميوارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي روڊن کي عوام لاءِ  عذاب نه سفر ۽ سهولتن لائق بڻائي کين تڪليفون ختم ڪرايون وڃن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.