شيخ اياز هڪ خط ۾، محمد ابراهيم جويو کي لکيو هو، ته ”ان کان اڳ جو مان لفظن جي پُوري کاڻ کوٽيان، توکي ڪجهھ مٿاڇريون ڪنڪريون ۽ هيري ڪڻيون موڪليان ٿو، ڏسي ٻُڌاءِ ته انهن ۾ به ڪجھه اَمُلھه ٿي سگھي ٿو؟“ اڄ آئون به خليق الرحمان ڪيريو جي ڪتاب “لطيفي ببليوگرافي” متعلق لفظن جون ڪجهھ مٿاڇريون ڪنڪريون ۽ هيري ڪڻيون لکي موڪليان ٿو. پڙهندڙ پاڻ پڙهي ٻُڌائين، ته انهن ۾ به ڪجھه اَمُلھه ٿي سگھي ٿو؟“
هن کان اڳ ٻه عدد لطيفي ببليوگرافيون منهنجي نظرن مان گذريون. هڪ ڊاڪٽر در شهوار سيده جي لکيل، جنهن کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي پاران شايع ڪيو ويو ۽ ٻي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي لکيل، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. بلاشبه ٻيئي ببليوگرافيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ٻنهي ببليوگرافين ۾ شاھ جا قلمي نسخا، ڇاپي رسالا، چونڊ ۽ منتخب ڪلام، شاھ جي رسالي جا منظوم ترجما، سُرن تي آڌاريل ڪتاب ۽ شاھ جي زندگي ۽ ڪلام بابت مقالن ۽ مضمونن جون فهرستون شامل هيون. اهو ڪو ايڏو آسان ڪم نه هيو. پر پوءِ به محققن قلم کنيا، اوجاڳا ڪيا، لائبريريون اُٿلايون، پيرين پنڌ ڪيا، آخرڪار پنهنجي منزلِ مقصود ماڻيائون.
خليق الرحمان ڪيريو صاحب جي سامهون نه فقط اهي ٻيئي ڪتاب موجود هئا، پر ان جي آڏو ”لطيفي انسائيڪلو پيڊيائون“ به موجود هيون. سال 2007ع کان پوءِ جيڪي به ”لطيفي انسائيڪلو پيڊيائون“ يا ”لطيفي ببليوگرافيون“ لکيون ويون، ته انهن ۾ ڊاڪٽر بدر ڌامراهي صاحب کان سواءِ، باقي ٻيون سڀ نظريه ضرورت موجب وجود ۾ آيون. انهي لاءِ نه لکيون ويون، ته لطيفيات تي قلمي پورهيو ڪندڙ ڪنهن قلمڪار جي هڪڙي پني کي به نظرانداز نه ڪجي، بلڪه انهي سوچ کي سامهون رکي لکيون ويون، ته ڪهڙي لطيف شناس کي وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙي کي هاسيڪار نظرانداز ڪري ڇڏڻو آهي. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي، ته درٻاري يا ونگاري انسائيڪلو پيڊيائون وجود ۾ آيون. نظريه ضرورت موجب لطيفيات تي ڪجهھ ڪتاب به لکيا ويا. جن جو ذڪر هن کان اڳ، تاريخن ۾ ٿيندو رهيو آهي. حيرت صرف ان ڳالهھ تي آهي، ته اهي عالم ۽ اديب، جن سڄي ڄمار درٻاري ۽ ونگاري تاريخن جي مخالفت ڪندي گذاري ڇڏي، پر جڏهن پاڻ ادارن ۾ اعليٰ عهدن تي پهتا، ته انهن به ساڳيو ئي رستو اختيار ڪيو، جيڪو ڪالھه ٻين اختيار ڪيو هو. البت تاريخ ته تاريخ ٿيندي آهي، تاريخ ڪنهن جو به پورهيو رائگان ناهي ڪندي.
خليق الرحمان ڪيريو جي لکيل “لطيفي ببليوگرافي” سال 2023ع تائين لکيل سمورين ”لطيفي ببليوگرافين“ ۽ ”لطيفي انسائيڪلو پيڊيائن“ کان وڌيڪ معلومات مهيا ڪندڙ، مستند ۽ جامع آهي. انهيءَ جو اندازو ان ڳالهھ مان به لڳائي سگھجي ٿو، ته لطيفيات تي لکيل جيڪو ڪتاب 2023ع جي آگسٽ مهيني ۾ شايع ٿيو، ته اهو به ان ببليو گرافي ۾ شامل ٿيل آهي. وڏي ڳالھه ته ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي، خليق الرحمان ڪيريو جو تعارف، ڪنهن نام ڪٺيي اديب ناهي لکيو، بلڪه نئين نڪور لطيف شناس شرِي جيون ڪمار چيلهاريو تحرير فرمايو آهي. ڪتاب جو مقدمو توڙي جو مانواري محترم ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي، پر پاڻ پنهنجي نالي پٺيان، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري نه، بلڪه هڪ عام عالم ۽ اديب جي حيثيت ڏيکاري ٿو. اها ئي ڊاڪٽر احسان دانش جي دانشمندي ۽ هروڀرو پاڻ پڏائڻ کان پرهيز واري اعليٰ عظمت آهي، جنهن کي سلام پيش ڪجي ٿو. ڊاڪٽر احسان دانش مقدمي ۾ مشورو ڏئي ٿو، ته ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جا قلمي نسخا، ڇاپي رسالا، منتخب ۽ چونڊ ڪلام جهڙن ڌار ڌار موضوعن وانگر، ”شاھ جي رسالي جا ترجما“ به هڪ الڳ باب ۾ بيهاريا وڃن ها، ته لطيفي ببليوگرافي وڌيڪ خوبصورت ٿي بيهي ها.“ اميد ڪجي ٿي، ته ايندڙ ايڊيشن لاءِ، خليق الرحمان ڪيريو اهو ڪم اڳواٽ ئي ترتيب ڏيئي بيهاريندو.
خليق الرحمان ڪيريو پنهنجي پاران رقم دراز آهي، ته ”ڪتاب جي بنيادي معلومات گڏ ڪرڻ ۾، مرحوم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب منهنجي تمام گھڻي مدد ڪئي. باقي مواد گھڻي غور و فڪر سان شامل ڪيو ويو آهي. هر باب لاءِ معلومات پرکي، ڏسي وائسي، ڇنڊي ڇاڻي ۽ ليکڪن کان سندن ئي ڪتابن بابت پڇا ڳاڇا ڪري، شامل ڪئي ويئي آهي.“ منهنجي ذاتي راءِ آهي (بلڪه شايد ناقص خيال آهي) ته هن ”لطيفي ببليوگرافي“ کي، ثقافت کاتو حڪومتِ سنڌ يا سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پنهنجي پليٽ فارم تان شايع ڪرائي ها، ته ادارن جي اهڙي عمل کي، تاريخ سُونهري لفظن ۾ ياد ڪري ها. اسان وٽ عام تاثر اهو رهيو آهي، ته سرڪاري ادارن ۾ ويٺل اديب ئي اصلي ۽ حقيقي اديب هوندا آهن، باقي ٻيا سمورا باڙه مارڪيٽي اديب هوندا آهن. ان ڪري انهن جي اشاعتن کان اجتناب ڪيو ويندو آهي.
پيڪاڪ پبلشرس ڪراچيءَ جي چيئرمين آفتاب ابڙو ۽ سندس فرزند قمر آفتاب ابڙو کي به جس هجي، جن پنهنجي اداري پاران، ڪتاب کي شاندار نموني شايع ڪري، ان تي تاريخي مهر ثبت ڪري ورتي آهي. سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جيئندو ڪيريو تعلقي ڀريا (نوشهرو فيروز) ۾ جنم وٺندڙ خليق الرحمان ڪيريو پنهنجي تحقيقي پورهئي سبب، تاريخ جي ورقن ۾، سُونهري سج وانگر اُڀري بيٺو آهي. سندس هن قلمي پورهئي کي، ڪڏهن به ڪٽ ناهي لڳڻو. اسين ننڍڙا اديب اُهي آڳڙيا هوندا آهيون، جن جو ميڙو محبت واري مچ تي، سدائين مچيل هوندو آهي. ”ڪَٽُ ڪَڙهي، لوھُ ٻَري، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ، مُترڪَنِ مُنهن ڪَڍِيا، سانداڻِيُون سَهڪَنِ، اَڄُ پُڻ آڳڙِيَنِ، ميڙو آهي مَچَ تي.“ (شاھ)