ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان 6 آڪٽوبر تي گورنر هائوس اڳيان ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم نگران وزيراعظم کان شفاف اليڪشن جي خاطر ايڪسٽينشن ۽ قبضا مافيا کي ختم ڪرائڻ جي درخواست به ڪئي آهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هنن 15 سال ڇا ڪيو، هي چاهين ٿا ته بغير اپوزيشن جي حڪومت ٺاهيون، حافظ نعيم الرحمان وزيراعظم کي گذارش ڪئي ته ايڪسٽينشن جو ڪم نه ٿيڻ گهرجي، شفاف اليڪشن چاهيو ٿا ته قبضا مافيا کي ختم ڪريو، وڏي وزير کي به گهرجي ته مافيائن جو ساٿ نه ڏي، هن چيو ته هر حۡومت ڪي اليڪٽرڪ مافيا سان گڏجي ڪراچي جي عوام کي ڦريو آهي، جيڪا بجلي اسان استعمال ناهي ڪئي انهن جو بل ڀري رهيا آهيون، بجلي جي اضافي بلن خلاف اسان گورنر هائوس ٻاهران ويهڻ جو اعلان ڪيو آهي، اٿڻ جو اعلان ناهي ڪيو.
ڊالر هفتي جي پهرئين ڏينهن وڌيڪ سستو
ڪراچي (رپورٽر) انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو. ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڪرنسي جي قيمت ۾ 90 پئسن جي لاٿ ٿي، جنهن کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 290 رپين 86 پئسن جي سطح تي بند ٿيو. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قيمت ٻه رپيا گهٽ ٿي، جنهن کانپوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 293 رپين تي وڪرو ٿي رهيو آهي.