ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا )ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۽ پٽيجي لڳ باغ ڀرسان نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 49 ورھين جو غلام سرور چانڊيو مارجي ويو ٻن ڪلاڪن تائين لاش واقعي واري ھنڌ پيل رھيو واقعي جي اطلاع بعد ميھڙ ميھڙ بي سيڪشن پوليس ۽ وارث واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تعلقه اسپتال ميھڙ آندو، تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ مقتول جي نياڻي ريشمان چانڊيو دانھون ڪندي ۽ روئيندي ٻڌايو ته بابا ميلاد لاءِ ٻيٽو جتوئي مان چانور ۽ ٻيو سامان وٺي موٽرسائيڪل تي واپس ڳوٺ اچي رھيو ھو ته جوابدار نادر مگسي ۽ ٻين ھٿياربندن بيدردي سان بابا کي قتل ڪري ويا، ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آھي، جھيڙن جي ڪري پنھنجو ڳوٺ ڇڏي اچي ميھڙ ڀرسان رھيا آھيون پر ظالم جوابدار منھنجي بابا کي بيدردي سان شھيد ڪري ويا، مقتول جي ڀاءُ منور چانڊيو ٻڌايو ته اسان جي بلوچستان جي علائقي جھٽ پٽ ۾ مگسي برادري سان پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي، مگسي برادري پھريان اسان جا ٻه ماڻھو ماريا ھئا پلاند ۾ اسين انھن جو ھڪ ماڻھو ماريو ۽ وري جوابدارن ٻيھر حملو ڪري اسان جو ھي ٽيون شخص قتل ڪري فرار ٿي ويا، پوليس موجب شروعاتي اطلاع آھن ته بلوچستان جي علائقي ۾ مگسي ۽ چانڊيا برادري ۾ سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھو ڌرين جا 4 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن، ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب مقتول کي 10 کان وڌيڪ جسم جي مختلف حصن تي گوليون لڳل آھن پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ تفصيل ٻڌايا ويندا، ٻئي پاسي قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جي جنازي نماز ڳوٺ پٽيجي نارا ڪئنال وٽ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ اڳوڻي ايم پي اي سردار چانڍيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سردار چانڊيو پنھنجي برادري جي ماڻھن سان ھمدردي ۽ ڏک جو اظھار ڪندي چيو ته ھٿياربندن اسان جي برادري جي معزز شخص کي بيگناهه قتل ڪيو آھي جنھن تي ڏاڍو افسوس ٿيو آھي پوليس کي تحرڪ وٺي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ گهرجي.
پوليس پاران عورتن جي تذليل، ڌڪا،ڇڪتاڻ
ميهڙ: ميھڙ ٿاڻي آڏو لاش رکي مقتول جي وارث عورتن ۽ مردن پاران ھنيل ڌرڻي دوران پوليس مظاھرين کي ٿاڻي مان ٻاھر ڪڍڻ لاءِ عورتن تي تشدد ڪيو، پوليس اھلڪار عورتن کي ڌڪا ۽ ٺيلھا ڏيندا رھيا پوليس اھلڪار ميھڙ ٿاڻي جي وڏي منشي غلام حسين سھاڳ ۽ ٻين پاران عورتن کي ڌڪا ۽ ٺيلھا ڏيڻ دوران پوليس ۽ مظاھرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي عورتن کي ڌڪا ڏيڻ دوران مظاھرين سخت نعريبازي ڪندا رھيا
نادر مگسي خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ تي لاش ٿاڻي ۾ رکي ڌرڻو
ميھڙ (ن ع آ) ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل نوجوان غلام سرور چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير نادر مگسي جو چرچ ۾ نالو شامل نه ڪرڻ ۽ قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارث عورتن ، مردن ، ۽ چانڊيا برادري پاران معشوق چانڊيو ،مقتول جي زال مسمات پٺاڻي ، ديدار ، سرتاج ، مسمات شھزادي ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي مقتول جو لاش ميھڙ ٿاڻي جي احاطي ۾ رکي ڌرڻو ھنيو ويو مظاھرين پاران قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير نادر مگسي جي چرچ ۾ نالو شامل نه ڪرڻ خلاف زوردار نعريبازي ڪئي مظاھرين چيو ته اڳوڻي صوبائي وزير نادر مگسي جي بڇ تي جوابدارن علي مردان عرف جبل مگسي ، طارق مگسي ۽ ٻين حملو ڪري قتل ڪيو آھي پر پوليس اڳوڻي صوبائي وزير نادر مگسي جو قتل ڪيس ۾ نالو شامل نه پئي ڪري ھنن چيو ته مگسين جي ھٿياربندن اسان جو سرعام بي گناھ قتل ڪيو آھي پر پوليس قتل ڪيس داخل نه پئي ڪري ھنن گھر ڪئي تہ مقتول غلام سرور چانڊيو جو قتل ڪيس اڳوڻو صوبائي وزير نادر مگسي سميت ملوث جوابدارن تي داخل ڪيو وڃي