عدالتي حڪم باوجود عمران خان اڊيالا جيل منتقل نه ٿيو

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سومر ڏينهن  عدالت سڳوري جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي اٽڪ جيل مان اڊيالا جيل منتقلي واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا جو اسٽيٽس تبديل ٿي چڪو آهي. اسلام آباد جا سمورا انڊر ٽرائل قيدي اڊيالا جيل ۾ آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين اڃا تائين اٽڪ جيل ۾ ڇو آهي؟ اڊيالا جيل ۾ ڇو ناهي؟ عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کان جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس عامر فاروق چيو ته اها ڳالهه طئي آهي، ته پي ٽي آءِ چيئرمين بهتر ڪلاس جو حقدار آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اڳوڻو وزيراعظم ۽ هڪ پڙهيل لکيل شخص آهي، جيل رولز مطابق هو جن شين جو حقدار آهي اهي کيس ملڻ گهرجن. ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪا حق تلفي ٿئي. هوڏانهن عمران خان جي وڪيل نعيم پنجوٿا پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته عمران خان کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي ۽ کيس اڳوڻي وزيراعظم جون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن جڏهن ته اڊيالا جيل انتظاميا عمران خان کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي خبر جي ترديد ڪري ڪئي آهي ۽ چيو ته عمران خان کي اڃا تائين اڊيالا جيل منتقل ناهي ڪيو ويو، جيل ذريعن مطابق عمران خان اڃا تائين اٽڪ جيل ۾ آهي، هاءِ ڪورٽ جو حڪم اڃا تائين وصول ناهي ٿيو، عدالت جو حڪم ملندي ئي ان تي عملدرآمد ٿيندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.