اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي پنهنجي ذهن مان اها ڳالهه ڪڍي ڇڏيو ته هاڻ ڪيسن ۾ دير ملندي. هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيسن ۾ دير نه ڏيڻ بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ هاڻ ڪيسن ۾ تاريخ ڏيڻ جو تصور ختم سمجهيو وڃي. چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ تمام گهڻا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، ذهن مان اهو تصور ڪڍي ڇڏيو ته ڪيسن ۾ تاريخ ڏني ويندي. هن چيو ته ڪنهن به ڪيس ۾ هڪ تاريخ تي ڌرين کي نوٽيس جاري ٿيندو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي دليلن تي فيصلو ٿيندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هن ڪيس ذريعي سڀني لاءِ اهو پيغام آهي ته هاڻ ڪيسن ۾ تاريخ نه ملندي، باقي عدالتن ۾ دستاويز جمع ڪرائڻ جو وقت ڏنو ويندو آهي، سپريم ڪورٽ آخري عدالت آهي، جتي سڀني ڪيسن جي فيصلن جو رڪارڊ اڳ کان هوندو آهي.