فريادي وڪيلن جي فيس کان تنگ اچي انصاف وٺڻ کان توبهه ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ وڪيلن جي فيسن کان تنگ اچي فريادي انصاف گهرڻ کان توبه ڪئي.  سپريم ڪورٽ ۾ ملڪيتن بابت  ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فريادي کان پڇاڻو ڪيو ته وڪيل ڪٿي آهي؟ جنهن تي مدعي صبغت الله چيو ته سپريم ڪورٽ جا وڪيل ڏاڍا مهانگا آهن. درخواستگذار چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو ته ڪيس کان توبهه ڪئي آهي، ڪجهه ڌرين سان صلح ڪيو آهي ۽   ڪجهه ڌرين خلاف ڪيس واپس وٺڻ چاهيان ٿا. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مدعي جي لکيل بيان تي  ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.