لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي آءِ پي پيز معاهدي تي ايڪشن وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هو عوام کي ظلم ۽ ناانصافي کان ڇوٽڪارو ڏياري ته اهو سندس عوام مٿان احسان هوندو اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته قومي چونڊن جي واضح تاريخ ڏني وڃي عدليه اسٽيبلشمينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي غير سياسي ٿيڻ گهرجي هن چيو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني به هندستاني غلامن سان اهڙو ظلم نه ڪيو. غريبن کي چئو طرف کان لٽيو وڃي پيو ۽ ڦريو پيو وڃي. ڪوڙا معاھدا ختم ڪيا وڃن. هن چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏئي بجلي، پيٽرول، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي بجلي جا اگهه وڌائڻ نگران حڪومت جو ڪم ناهي.