پاڪستان کي افغانستان بڻايو پيو وڃي: لال جروار

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ اوڀايو  جوڻيجو چيو آھي ته افغاني ۽ ٻيا غير ملڪي پاڪستان جي معيشت تي بار آهن، پاڪستان کي افغانستان بڻايو پيو وڃي، ڪراچي کي ڪابل بڻائڻ قبول ناهي، لکين افغاني پاڪستان ۾ رهن ٿا، افغانين جو وڏو تعداد سنڌ ۾ آباد آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري سمورن غير قانوني افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ ھنن وڌيڪ چيو تھ غير ملڪين ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام پيدا ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾  ھٿيارن، دهشتگردي، اسمگلنگ ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ افغانين سميت  ٻيا غير ملڪي ملوث آھن، جن خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي، هنن چيو ته گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ڪم ڪندڙ اداري جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 37 لک افغاني رهن ٿا، اھا رپورٽ به اڻپوري آھي جڏھن ته ملڪ ۾ افغانين ۽ ٻين غير ملڪين  جو انگ ان کان به وڌيڪ آهي، فقط 13 لک افغاني پاڪستاني عملدارن وٽ رجسٽرڊ ٿيل آهن، دنيا جي ڪنھن به قانون ۾ ناهي ته غير ملڪين کي شهرن ۾ ترسايو وڃي پر پاڪستان ۾ ترسيل 68 سيڪڙو کان وڌيڪ غيرقانوني افغاني وڏن شهرن ۾ آباد آهن، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي، ڌاڙيلن ۽ انھن جي سرپرست سردارن خلاف سخت آپريشن نٿو ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.