ميرپورماٿيلي ڀرسان اغوا ٿيل هندو ناري جي آزادي لاءِ ڌرڻو

ميرپورماٿيلو(رپورٽ: پريم راٺوڙ) مهينا اڳ مبينا اغوا ٿي ويل ميرپورماٿيلو جي اناج منڊي ڀرسان رهندڙ  هندو ناري سني ڀيل جي آزادي لاءِ ڀيل  برادري جي عورتن طرفان ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين مسمات پياري ڀيل، مسمات صبه، مسمات سيمان ڀيل ۽ ٻين چيو ته اسان جي نياڻي سني ڀيل کي اسان جي برادري جو ڪرشن ڀيل اغوا ڪري فرار ٿي ويو آهي جنهن کي 2 مهينا گذري ويا آهن پر پوليس ناري جي آزادي لاءِ ڪا به مدد نه ٿي ڪري جيڪا اسان سان زيادتي آهي، هنن وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي ناري کي  آزاد ڪرائي جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.