ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن سرڪاري يونيورسٽين جي پينشن فنڊ قائم ڪرڻ، ريٽائر ٿيندڙ يا ريٽائر ملازمن کي پينشن جي بروقت ادائيگي لاءِ آڊٽ ڪرايو وڃي. هن چيو ته مون کي حيرت آهي ته 9 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين گذريل 8 کان 9 سالن ۾ سينيٽ جو اجلاس نه گهرايو آهي تنهنڪري کين ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ سينيٽ جو اجلاس جلد کان جلد گهرائڻ گهرجي. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي ۽ صوبائي هائير ايجوڪيشن ڪميشن اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين ايڇ اي سي پروفيسر طارق رفيع، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي، سيڪريٽري ناڻو ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري يو اينڊ بي نور محمد سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي. چيئرمين ايڇ اي سي نگران وڏي وزير کي ٻڌايو ته ايڇ اي سي سنڌ 2013 ۾ سنڌ صوبي ۾ اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ ترقي جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ قائم ڪئي وئي هئي. صوبائي HECs خاص طور تي فيڪلٽي ڊولپمينٽ، پهچ کي بهتر بڻائڻ، سکيا ۽ تحقيق ۾ سڌارن کي وٺرائڻ، گورننس ۽ مئنيجمينٽ، معيار جي جاچ، نگراني ۽ فزيڪل ۽ ٽيڪنيڪل انفراسٽرڪچر جي ترقي تي ڌيان ڏئي ٿو. HEC جي مکيه پروگرامن ۾ ريسرچ سپورٽ پروگرام، ايم فل، پي ايڇ ڊي اسڪالر شپ پروگرام، ليبارٽري بڻائڻ جو پروگرام ۽ سمارٽ ڪلاس روم پروگرام شامل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ سرڪاري شعبي ۾ 27 يونيورسٽيون آهن جن مان 9 يونيورسٽين ۾ گذريل 8 سالن ۾ سينيٽ جو اجلاس ئي ناهي ٿيو. ان تي وڏي وزير چيو ته سينيٽ – يونيورسٽي جو اعليٰ ترين ادارو آهي ۽ سندن سينيٽ باڊي پنهنجي بجيٽ پاس ڪندي آهي. اها پڻ نشاندهي ڪئي وئي ته اڪثر سرڪاري شعبي جون يونيورسٽيون مالياتي انتظامن سبب وڏي نقصان ۾ هلي رهيون آهن. ان تي وڏي وزير سيڪريٽري يو اينڊ بي کي هدايت ڪئي ته سمورن يونيورسٽين جو آڊٽ ناليوارن ۽ سڃاتل آڊيٽرن کان ڪرايو وڃي. وڏي وزير چيو ته دنيا جي يونيورسٽين پنهنجي تحقيقي ڪم ذريعي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، طب ۽ ٻين شعبن ۾ انقلاب برپا ڪيو آهي پر اسان جي يونيورسٽين اهڙو ساراه جوڳو ڪم نه ڪيو آهي جنهن جو عالمي فورمن تي حوالو ڏئي سگهجي. جسٽس باقر چيو ته اڪثر پي ايڇ ڊي ڊگريون رکندڙن کي ڪوبه فائدو ناهي ان ڪري اسان کي جاچ ڪرڻي آهي ته خاميون ڪٿي آهن. وڏي وزير يو اينڊ بي ۽ ايڇ اي سي کي هدايت ڪئي ته سڀني يونيورسٽين کي چيو وڃي ته اهي پنهنجا پينشن فنڊ قائم ڪن. ڪراچي يونيورسٽي ۽ ٻين مختلف يونيورسٽين جا رٽائرڊ ملازم پينشن وٺڻ لاءِ هڪ کان ٻئي در ڊوڙندا رهندا آهن. هن چيو ته هن نظام ۾ سڌارن ۽ اپ گريڊيشن جي ضرورت آهي. وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي هدايت تي ڪراچي يونيورسٽي جي استادن هڙتال ختم ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري يو اينڊ بي نور احمد سمون ۽ چيئرمين ايڇ اي سي پروفيسر طارق رفيع انهن استادن سان ملاقات ڪئي جن پنهنجا مطالبا نه مڃڻ سبب تدريسي سرگرميون معطل ڪيون هيون. ڪراچي يونيورسٽي جي عملي وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته هو تعليمي سرگرميون ٻيهر شروع ڪندا ۽ پوءِ ڳالهيون ٿينديون.