بڊاڻي پوليس جي ڪارروائي، سليم جان مزاري جو ترجمان گرفتار

ڪنڌڪوٽ/بڊاڻي (نمائندا)بڊاڻي پوليس جي گشت دوران ڪاروائي مزاري هائوس جو ترجمان گرفتار جوابدار غلام شاهه ملڪ عرف مامو جاڙو ڪليشن ڪوف ۽ گولين سميت گرفتار مٿان سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو،بڊاڻي پوليس ڪشمور ضلعي جي اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان مزاري جي ترجمان شاه غلام عرف مامو جاڙو کي گشت دوران گرفتاري ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خليل احمد رند ٻڌايو ته رات ديرسان لنڪ روڊ برف ڪارخاني وٽ گشت دوران ڪاروائي ڪري جوابدار شاه غلام عرف جاڙو ملڪ کي ڪلاشنڪوف ۽ گولين سميت گرفتار ڪري سندس مٿان سرڪار پاران اي ايس آء لعل محمد چاچڙ جي فرياد تي گناه 23 2023 سيڪشن 23 A1 ڪيس داخل ڪيو آھي جڏهن ته ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جاڙو ملڪ ڌاڙيلن جو سهولتڪار هيو ۽ مُکي جڳديش ڪمار ۽ ساگر ڪمار جي بازيابي بابت هندو برادري کان 40 لک ورتا هئا جيڪي واپس نه ڪيا ويا جنهن بعد هن کي پوليس گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.