چونڊ خرچ جا تفصيل ، مددگارن جا ذريعا ٻڌائڻ لازمي، چونڊ رولز ۾ 18 ترميمون

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن نئين فارمز سميت اليڪشن رولز ۾ 18 ترميمون تجويز ڪري ڇڏيون. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن رولز ۾ ترميمن تي اعتراض 7 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا.اليڪشن ڪميشن تجويز ڪيو آهي ته اميدوار چونڊ خرچن لاءِ نئون بئنڪ اڪائونٽ کولي يا موجوده اڪائونٽ کي ئي رکي پر بئنڪ اڪائونٽ، جوائنٽ اڪائونٽ نه هوندو، اميدوار چونڊ خرچن جي حوالي سان رسيد، بل، چالان ۽ ووچر سميت هر ادائيگي جو رڪارڊ رکندو. اها تجويز به ڪئي وئي آهي ته اليڪشن درخواست هڪ لک رپين سان گڏ جمع ڪرائي ويندي، نامزدگي ڪاغذن سان گڏ جمع ڪرايل رقم واپسيءَ جوڳي نه هوندي، رقم حڪومتي ناڻي ۾ جمع ڪرائي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب ڪنهن ٻئي شخص کي چونڊ خرچ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي اميدوار ان جو به سمورو رڪارڊ ڏيندو، فنانسنگ ڪندڙ جو سڃاڻپ ڪارڊ، خرچن جا قسم ۽ آمدني جا ذريعي به ڏنا ويندا. اميدوارن جي چونڊ نشان سان گڏ فهرست ويب سائيٽ تي به لڳائي ويندي، اميدوار آر او کي چونڊ خرچن سان گڏ مهم جي فنانسنگ جا تفصيل به ڏيندو، آر او رد ٿيل ووٽ کي اميدوار ۽ ايجنٽ جي موجودگي ۾ کوليندو، آر او عبوري ۽ حتمي نتيجي کي فارم 47، 48 ۽ 49 تي پاڻ تيار ڪري سيل ڪندو. اليڪشن ڪميشن موجب چونڊ خرچن لاءِ ٻه نوان فارم 67 ۽ 68 به شامل ڪيا ويندا، اميدوار جي ملڪ، ٻاهرئين ملڪ منتقل نه ٿيل پراپرٽي، خريديل اثاثن جا تفصيل به ڏنا ويندا، جڏهن ته اميدوار جي گاڏين، زيورن، بئنڪ ۽ روڪ رقم جا تفصيل به فارم ۾ جمع ڪرايا ويندا. اليڪشن ڪميشن جي تجويزن ۾ اها ڳالهه به شامل آهي ته پارٽي سربراهه انٽرا پارٽي چونڊ کان 15 ڏينهن اڳ چونڊ شيڊيول اليڪشن ڪميشن کي موڪليندو، انٽرا پارٽي چونڊن جي 7 ڏينهن اندر ڪميشن کي آگاهه ڪيو ويندو. اليڪشن رولز ۾ پيش ڪيل ترميمن ۾ چيو ويو آهي ته سياسي جماعتن تي مڙهيل ڏنڊ حڪومتي ناڻي ۾ جمع ٿيندو، چونڊ خرچن لاءِ سياسي جماعت کي 10 لک رپين کان وڌيڪ عطيو ڏيندڙن جا تفصيل ڏيڻا پوندا، سياسي جماعت جي فنانسنگ لاءِ نئون فارم 69 به شامل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.